آغا خان يونيورسٽي ممتاز زائري انٽرنيشنل ايوارڊ فار ريسرچ امپيڪٽ حاصل ڪري ورتو

ڪراچي (پ ر) آغا خان يونيورسٽي کي 18 اپريل تي دبئي، متحده عرب امارات ۾ ٿيل ڇهين مينا (MENA) هائير ايجوڪيشن ليڊرشپ فورم ۾ اعليٰ تعليم ۾ تحقيق جي اثرن لاءِ باوقار زيري انٽرنيشنل ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. هي فورم عالمي سطح تي تعليمي اڳواڻن جي اهم گڏجاڻي هوندي آهي، جنهن ۾ وچ اوڀر ۽ اتر آفريقي خطي جا اعليٰ تعليمي اڳواڻ، آمريڪا، آسٽريليا، آئرلينڊ ۽ برطانيا جا ڪجهه ذڪر جوڳا تعليمي ۽ سياسي اڳواڻ شريڪ ٿيندا آهن.

زائري ريسرچ ايڪسيلينس ايوارڊ اعليٰ تعليمي ادارن کي سندن شاندار تحقيق ۾ ڪوششن لاءِ مڃتا طور ڏنو ويندو آهي. جنهن ۾ سماجي، اقتصادي، سياسي ۽ ثقافتي شعبن جهڙن ڊومينز ۾ حقيقي دنيا جي چئلينجز تي ڌيان ڏيڻ آهي.

ان موقعي تي وائيس پرووسٽ ريسرچ ڊاڪٽر سليم ويراني چيو ته هي انعام اسان جي فيڪلٽي ميمبرن، جاچ ٽيمن، تحقيق جا انتظام ڪندڙن ۽ يونيورسٽي جي اڳواڻن جي اڻٿڪ محنتن جو ثبوت آهي. اثر، معيار، هڪ جهڙائي ۽ رسائي جي اسان جي بنيادي قدرن، يونيورسٽي ۾ ڪيل تحقيق ۾ مڪمل طور ظاهر ٿيندي آهي، هي ايوارڊ آغا خان يونيورسٽي جي انهن بنيادي قدرن جي شاهدي آهي.

آغا خان يونيورسٽي جي صدر ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين چيو ته هي اعزاز اسان جي فيڪلٽي، محققن ۽ عملي جي چاهه ۽ گڏيل سهڪار جي ڪوششن کي ظاهر ڪري ٿو جيڪي تحقيق ۾ بهترين ڪارڪردگي لاءِ لاڳيتو جدوجهد ڪندا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان هڪ اهڙي ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون جيڪا هاڪاري تبديلي آڻي سگهي ۽ اثر جوڳي تحقيق ۽ صلاحيت جي تعمير ذريعي ڪميونٽيز جي حقيقي گهرجن کي پورو ڪري سگهي ٿو.

زائري ايوارڊ آف ايڪسيلينس فار ريسرچ امپيڪٽ، زائري ايوارڊ آف ايڪسيلينس فارڊسٽري پٽيو ايجوڪيشن جي پيروي ڪري ٿو جيڪو 2022 ۾ آغا خان يونيورسٽي کي يونيورسٽي جي نيٽ ورڪ آف ڪوالٽي ٽيچنگ اينڊ لرننگ جي ڪم جي بنياد تي ڏنو ويو هو جيڪو تدريسي بهتري جي حمايت ڪري ٿو ۽ اسڪالرشپ کي هٿي ڏئي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.