عورتن جي خود مختياري جو مطلب پنهنجي ثقافت کي محفوظ رکڻ آهي: ايراني خاتون اول

لاهور (ويب ڊيسڪ) خاتون اول ايران ڊاڪٽر جميله عالم الهديٰ چيو آهي ته عورتن جي خود مختياري جو مطلب پنهنجي ثقافت کي محفوظ رکڻ آهي.
خاتون اول ايران هوم اڪنامڪس يونيورسٽي لاهور جو دورو ڪيو، جتي کيس يادگار به پيش ڪيو ويو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر جميله عالم الهديٰ چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ مضبوط تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي لاڳاپا آهن، ايران سهڪار وڌائڻ جي عظيم ايجنڊا رکي ٿو.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت کي علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌائڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته هي دورو پاڪ – ايران لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو اهم موقعو آهي، پاڪستان ۽ ايران رڳو پاڙيسري ملڪ نه پر سٺا دوست به آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.