سلمان خان سان مليس ته زندگي بدلجي وئي: زرين خان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي اداڪارا زرين خان چيو آهي ته بالي ووڊ ۾ سلمان خان آندو ۽ پوءِ منهنجي زندگي بدلجي وئي.
هڪ تازي انٽرويو ۾اداڪارا ٻڌايو ته مون ڪڏهن به نه سوچيو هو ته شوبز انڊسٽري جو حصو بڻجندس، سلمان خان سان پرستار ٿي مليس ۽ زندگي بدلجي وئي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته دبنگ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ خواب وانگي هيو، يقين ئي ناهي ايندو ته سلمان خان سان گڏ ڪم رهي آهيان.
واضح رهي ته اداڪارا کي 2010ع ۾ فلم ”وير“ سان شهرت ملي ۽ آخري دفعو هوءِ 2021ع ۾ فلم ”هم بهي اڪيلي تم بهي اڪيلي“ ۾ نظر آئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.