برطانوي پارليامينٽ پناهگيرن کي روانڊا موڪلڻ جو بل منظور ڪري ورتو

لنڊن ويب ڊيسڪ ) برطانوي پارليامينٽ پناهگيرن کي روانڊا موڪلڻ جو بل منظور ڪري ورتو، اڄ شاهي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
برطانوي ميڊيا موجب پناهگيرن کي روانڊا موڪلڻ واري بل ۾ وڌيڪ ترميمون نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
برطانوي ميڊيا جِي رپورٽ موجب پناهگيرن کي روانڊا موڪلڻ جو بل شاهي منظوري لاءِ اڄ پيش ڪيو ويندو.
واضح رهي ته هائوس آف لارڊز پاران پناهگيرن جِي منتقلي وارو بل پنجون ڀيرو ترميم کانپوءِ پارليامينٽ کي اماڻيو هو.
هائوس آف لارڊز روانڊا کي محفوظ ملڪ قرار ڏيڻ جِي مشروط حمايت ڪئي ۽ روانڊا جَي باري ۾ آزاد مانيٽرنگ باڊي سان مشورو ڪرڻ جو شرط رکيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.