اڳوڻي وزيراعظم جي گهرواري بشريٰ بي بي مڪمل فٽ قرار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن اڳوڻي وزيراعظم جي گهرواري بشريٰ بي بي کي مڪمل فٽ قرار ڏئي سندس صحت بابت تازي رپورٽ اعليٰ عملدارن کي موڪلي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب بشريٰ بي بي ڪالهه منجهند سيني ۾ ساڙي جي شڪايت ڪئي هئي، ڏينهن جي وقت اڊيالا جيل جي ڊاڪٽرن معائنو ڪري اڳوڻي خاتون اول کي صحتمند قرار ڏنو هو.
تنهن کانپوءِ پمز جي ڊاڪٽرن جي ٽيم رات جي وقت بني گالا ۾ بشريٰ بي بي جو تفصيلي طبعي معائنو ڪيو.
ذريعن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽرن اڳوڻي خاتون اول کي پمز اسپتال جي ماهرن ۽ دل جي مرضن جي ماهرن کان معائنو ڪرائڻ جي تجويز ڏني، ان کانسواءِ پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن بشريٰ بي بي جو طبعي معائنو ڪري کيس رڳو کاڌي ۾ احتياط ڪرڻ جي صلاح ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.