گم ٿيل ماڻهن وارو معاملو، عدالت جو پوليس تي بي اعتمادي جو اظهار، گهرو کاتي کان رپورٽ طلب

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي دوران عدالت پوليس جي ڪوششن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي گهرو وزارت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.
گهرو سيڪريٽري کي حلف نامي سميت لکت ۾ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٻڌايو وڃي ته گم ٿيل شخص ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي، ڇا هو زندهه به آهي؟
درخواست گذار عدالت کي ٻڌايو ته ادريس اسماعيل کي حراست ۾ وٺڻ جا فوٽيج ڪيترائي ڀيرا جاچ آفيسرن کي فراهم ڪيا، جاچ ادارا ادريس اسماعيل کي کڻي ويندڙن جي سڃاڻپ نه ڪري سگھيا، ادريس سان گڏ گم ٿيل شخص ملتان مان بازياب ٿيو هو، جاچ آفيسر خالد مڪاشي بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين پيا، سرڪاري ماڻهن جو چوڻ آهي ته خالد مڪاشي القاعدا جو امير ۽ ڪيسن ۾ گھربل آهي.
جاچ آفيسر چيو ته مختلف ايجنسين سان رابطي ۾ آهيون جلد اڳڀرائي جو امڪان آهي، ادريس جي ڳولا لاءِ جي آءِ ٽي جا 20 اجلاس ٿي چڪا آهن، جي آءِ ٽي سربراهه کي عدالتي هدايتن بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.
تنهن کانپوءِ عدالت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.