ملائيشيا: سامونڊي فوج جا ٻه هيليڪاپٽر پاڻ ۾ ٽڪرائجي تباهه، 10 ڄڻا اجل جو شڪار

ڪوالالمپور ( ويب ڊيسڪ ) ملائيشيا ۾ نيوي جا 2 هيليڪاپٽر فضا ۾ ٽڪرائجي تباهه ٿي ويا جنهن سبب 10 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.
ملائيشين نيوي موجب صبح نيوي پريڊ جي ريهرسل دوران لومت بيس تي حادثو پيش آيو، حادثي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪئي ويندي.
دفاع واري وزير چيو ته هيلي ڪاپٽر ملائيشين نيوي کي 90 سال ٿيڻ جي سالگرهه تي ڇنڇر جي پريڊ جي مشق ڪري رهيا هئا.
هن چيو ته فوت ٿيل عملي جي ميمبرن جي سڃاڻپ جي تصديق لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.