اسلام آباد (م ڊ) ايراني صدر جي گهرواري پاڪستان سويٽ هوم سينٽر جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو ايراني صدر جي گهرواري جو استقبال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ايراني صدر جي گهرواري يتيم ٻارن لاءِ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ تي سينٽر عملي جي واکاڻ ڪئي. ترجمان موجب ان موقعي تي فلسطيني عوام خاص طور تي غزه جي ٻارن جي لاءِ خصوصي دعا گهري وئي.