پريا ڪماري جي بازيابي کي يقيني بڻايو وڃي

تحرير: نعيم احمد شيخ

ھڪ ننڍڙي ٻارڙي جنھن کي گم ٿئي ٽيون سال پورو ٿيڻ وارو آھي پر اسان جي واڳ ڌڻين جي دلين ۾ ھن وقت تائين معصوم ۽ مظلوم پريا ڪماري جي لاءِ  ڪو احساس نه آھي ۽ نه وري ان جي امڙ جي بيوسي ۽ لاچاري ڏانھن ڪنھن جو ڪو ڌيان آھي! ڪيڏي نه قيامت گذرندي ھوندي ان امڙ جي مٿان جنھن جي نياڻي ھڪ ڊگھي عرصي کان ھن جي اکين کان دور ھڪ اھڙي ماحول ۾ قيد آھي جتي کيس ھن وٽ ھن جي ويجھو ۽ ھن سان گڏ ڪو پنھنجو نه آھي!

سوشل ميڊيا تي ھلندڙ خبرون ۽ سنڌ جي سڄاڻ ڌرين پاران جيڪي موقف سامھون آيا آھن انھن مٿان روشني وجھون ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود ھر شعور رکندڙ ذھن ننڍي توڙي وڏي ۽ ٻار ٻچي کي اھا خبر پئجي چڪي آھي ته پريا ڪماري ڪنھن وٽ قيد آھي ۽ سڀ اھو به ڄاڻين ٿا ته پريا ڪماري کي ڇو قيد ڪيو ويو آھي!

پر افسوس جو اھي سڀ ڳالهيون منظر عام تي اچڻ کانپوءِ  ۽ سڀ راز کلي وڃڻ کانپوءِ  به ھن وقت تائين سنڌ حڪومت معصوم پريا ڪماري جي بازيابي کي يقيني بڻائڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رھي آھي!

ايتري حد تائين جو سنڌ حڪومت پاران جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم به جوڙي وئي ته پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرائي ان جي امڙ جي خالي ٿيل جھولي آباد ڪئي وڃي!

پر افسوس جو ھن وقت تائين جوڙايل جي آءِ ٽي پاران به ڪو اھڙو ڪارنامو سامھون نه اچي سگھيو آھي جنهن مان سمجهي  ته سنڌ حڪومت پريا ڪماري جي آزادي جي حوالي سان سنجيدگي جو مظاھرو ڪيو آھي!

جوائنٽ انويسٽيگيشن وارن آخري مرحلي ۾ سنڌ حڪومت آڏو ڪھڙي رپورٽ پيش ڪئي ۽ ان رپورٽ موجب پريا ڪماري ڪنھن وٽ قيد آھي ۽ ان پريا ڪماري کي ڇو باندي بڻائي رکيو آھي!

اھي سڀ راز سرڪاري سطحي تي يا ايئن چئون سرڪاري رڪارڊ موجب جوائنٽ انويسٽيگيشن رپورٽ جي پڌرائي ۾ ضرور ڄاڻايا ويا ھوندا پر الائي ڇو ۽ الائي ڪنھن جي خوف وچان سنڌ حڪومت ھن وقت تائين جوائنٽ انويسٽيگيشن جي جاري ڪيل رپورٽ به ظاھر ناھي ڪري سگھي!

منھنجي ھن مضمون لکڻ جو مقصد اھو آھي ته رياست جي ذميواري آھي شهرين امن امان فراھم ڪرڻ ۽ امن امان جي لاءِ  اسان جيڪا ٽئڪس ڀريون ٿا ان ٽئڪس مان اربين روپيا ساليانا خرچ ڪيا وڃن ٿا! پر اربين روپيا ساليانا خرچ ڪرڻ باوجود به جيڪر رياست اسانکي امن امان مڪمل فراھم نه ٿي ڪري سگھي ته رياست کي پنھنجي ڪارڪردگي بھتر بڻائڻ لاءِ  ڪي جوڳاءَ اپاءَ وٺڻا پوندا ! ھاڻي اھو پتلي تماشو ۽ سياسي بيان بازين وارو خيالي پلاءُ  وڌيڪ نه ھلي سگھندو ۽ نه ئي ھاڻي عوام اوھانجي ڪنھن لولي پاپ وٺڻ جي موڊ ۾ آھي! اوھان عوام کي ايڏا صدما ڏنا آھن جو ماڻھن جو دماغ ئي ڪم ڪرڻ ڇڏي ويو آھي .ان ڪري ھاڻي عوام حڪومتي ڌر جي ماڻھن کان مطالبو ٿو ڪري ته عملي خدمتن طرف قدم وڌايو ھن وقت آرٽيفيشل انٽيليجنس جو دور آھي ھن وقت ننڍڙا ٻارڙا به ڪنھن ٻول بازي ۾ نه ٿا اچن ته اوھان آخر مٺڙا ٻول ڳالهه ائي ڪنھن کي بيوقوف بڻائي رھيا آھيو؟

ٽي سال ٿيڻ وارا آھن ڪڏھن ڊي آءِ جي ٿو چوي ته پريا ڪماري جلد آزاد ٿيندي.  ڪڏھن ڪو ايس پي ٿو چوي ته پريا ڪماري آزاد ڪرائينداسين! سڀني جا بيان ٻڌي اسانجا ڪن ٻوڙا ٿي چڪا آھن ۽ سڀني جا بيان پڙھي ھاڻي اسان جون اکيون ٿڪجي پيون آھن ھاڻي اسانجا ڪن پريا ڪماري جي آزادي کان سواءِ ٻي ڪا به خبر ٻڌڻ لاءِ  تيار نه آھن ۽ اسانجون اکيون پريا ڪماري جي بازيابي ڏسڻ کان سواءِ ٻي ڪا به خبر ڏسڻ کان لاچار آھن!

جيڪي به حڪومتي ڌر ۽ رياستي مشينيري جو حصو آھن انھن سڀني کي ايترو عرض ته خدارا پنھنجي ٻچڙن جي واسطي پريا ڪماري جي بازيابي کي يقيني بڻائي ان جي امڙ مٿان گذرندڙ قيامت واري باب کي ھاڻي بند ڪيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.