آفريدي نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ قومي رانديگرن جي ڪارڪردگي مان مايوس

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته هڪ بهترين بيٽنگ وڪيٽ تي قومي ٽيم وڌيڪ رنسون نه ٺاهي سگهي.
نيوزيلينڊ خلاف ٽئين ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ شڪست تي شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته پاڪستان ٽيم کي اهڙي وڪيٽ تي 220 رنسون ٺاهڻ گهرجن ها، شاداب خان بهتر کيڏيو، باقي بيٽرز کي به اهڙي ڪنڊيشن ۽ وڪيٽ تي بهتر اسٽرائيڪ ريٽ رکڻ گهرجي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن ٽئين ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ ڪمزور نيوزيلينڊ ٽيم قومي ٽيم کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي.
پنڊي ڪرڪيٽ اسيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ان مئچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ ٽيم کي کٽڻ لاءِ 179 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو جيڪو مهمان ٽيم 19هين اوور ۾ مڪمل ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.