ڪراچي: سڀاڻي عام موڪل جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪمشنر 23 اپريل اڱاري تي شهر ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي جي ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ڊويزن ۾ سموريون نجي ۽ سرڪاري آفيسون ۽ تعليمي ادارا بند رهندا، 23 اپريل تي پرڏيهي معززن جي آمد جي موقعي تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي دوري تي آيل آهي، هو 23 اپريل تي ڪراچي ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.