سنڌ ۾ گيس ۽ تيل جا وڌيڪ نوان ذخيرا هٿ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ تيل ۽ گيس جا وڌيڪ نوان ذخيرا هٿ ڪيا ويا آهن.
ماڙي پيٽروليم ڪمپني طرفان سنڌ ۾ تيل ۽ گيس جا نوان ذخيرا هٿ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته تيل ۽ گيس جا نوان ذخيرا ڏهرڪي مان هٿ ڪيا ويا.
ڪمپني موجب ماري فيلڊ جي شوال1 کوهه مان تيل جا نوان ذخيرا هٿ آيا آهن، نون ذخيرن مان روزانو 25 لک مڪعب فٽ گيس ملندي، ۽ روزانو 1040 بيرل خام تيل حاصل ٿيندو.
واضح رهي ته شوال1 تي ڪم جي شروعات 27 جنوري 2024ع کان شروع ڪئي وئي هئي، کوهه جي 1136 ميٽر اونهي کوٽائي ڪري ذخيرا هٿ ڪيا ويا.
ايم پي سي ايل جي ايم ڊي فهيم حيدر نون ذخيرن جي هٿ اچڻ تي ڪمپني جي انجنيئرز ۽ سائنسدانن لاءِ هڪ قابل ذڪر ڪاميابي قرار ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.