سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وري مينهن وسندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي موجب 24 اپريل کان اولهه هوائن جو نئون سلسلو ملڪ ۾ داخل ٿيندو ۽ وقفي وقفي سان آنڌاري ۽ برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي 24 کان 27 اپريل تائين برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، چترال، دير، سوات، ايبٽ آباد سميت خيبر پختونخواهه جي اڪثر حصن ۾ برسات جو امڪان آهي.
25 کان 29 اپريل تائين ڪي پي جي جابلو علائقن ۾ برفباري ۽ ڳڙي جو امڪان آهي، 25 کان 26 اپريل دوران سکر، جيڪب آباد، ڪشمور، سانگهڙ ۾ ڀرپاسي هلڪي مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ 26 کان 29 اپريل تائين برساتن ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.