پاڪ ڀارت ٽيسٽ سيريز، انگلينڊ جا ميدان ميزباني جا خواهشمند

پاڪ ڀارت ٽيسٽ سيريز ۾ انگلينڊ جا ڪرڪيٽ گرائونڊ ميزباني جا خواهشمند آهن.
برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٻه طرفي ٽيسٽ سيريز جي بحالي لاءِ انگلينڊ متبادل وينيو ٿي سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي حڪومت اڃا تائين پاڪستان سان ٻه طرفي سيريز جي اجازت ناهي ڏني پر ٻنهي حڪومتن جي نيوٽرل وينيو تي راضي ٿيڻ جي صورت ۾ لارڊز جو گرائونڊ ٽيسٽ مئچ جو خواهشمند آهي.
چيف ايگزيڪيوٽو وارڪشائر اسٽيورٽ ڪين جو چوڻ آهي ته اسان پاڪ ڀارت ٽيسٽ سيريز جي پروپوزل کي ڀرپور سپورٽ ڪنداسين، اها سيريز ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ شاندار هوندي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ آخري ٽيسٽ مئچ 2007ع ۾ کيڏيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.