ميرپورخاص (بيورورپورٽ) آئي بي اي سکر ميرپورخاص ڪيمپس جي شاگردن شاگردياڻين ۽ سول سوسائٽي پاران آئي بي اي سکر ميرپورخاص ڪيمپس کي بند ڪرڻ واري فيصلي خلاف اسٽيشن چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن جنيد لغاري، محسن رند، يوسف لغاري، عاجز، واجد لغاري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ميرپور خاص سان ھميشه ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ اختيار ڪندي تعليمي ادارن کان محروم رکيو ويو آھي، ھڪ وڏي عرصي بعد 2021 ۾ آئي بي اي سکر ڪيمپس ميرپور خاص جي بنياد رکي وئي ۽ 3 سال گذرڻ کان پوءِ 2024 ۾ سکر آئي بي اي ڪيمپس ميرپور خاص کي بند ڪيو پيو وڃي جنھن کي اسين ڊويزن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ويساھه گھاتي ۽ تعليم دشمني سمجھون ٿا، ڊويزن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعلي’ تعليم جون سھولتون ڏيڻ بدران تعليمي اداري کي بند ڪري ظلم ڪيو پيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته ڊويزن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين خلاف آءِ بي اي ڪئمپس ميرپورخاص کي بند ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ ميرپورخاص ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻيا تعليمي ادارا قائم ڪيا وڃن. ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيستائين سکر آئي بي ڪيمپس ميرپور خاص بحال نه ٿيندي تيستائين جدوجهد جاري رھندي.