ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ کي سرسي، پرويز الاهي کي اپ سيٽ شڪست

ڪراچي/لاهور/ڪوئيٽا/پشاور ( عوامي آواز نيوز ) ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 21 تڪن تي ننڍي چونڊ ۾ پولنگ مڪمل ٿيڻ بعد ووٽن جي ڳڻپ کانپوءِ  نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي. پي پي 32 گجرات  تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ اميدوار موسيٰ الاهي 63 هزار 536 ووٽ کڻي ڪامياب ماڻي ورتي آهي جڏهن ته پرويز الاهي 18 هزار ووٽ کڻي هارائي ويو آهي، اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان تي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب سني اتحاد ڪائونسل جو فيصل امين گنڊاپور 56 هزار 995 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي، جڏهن ته پ پ اميدوار رشيد خان ڪنڊي 9 هزار 533 وٽ کڻي هارائي ويو،  قومي اسيمبلي جي 5 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 16 سيٽن تي پولنگ صبح 8 وڳي شروع ٿي جيڪا بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهي. پولنگ کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ ۽ نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي. قومي اسيمبلي جي اين اي 8 باجوڙ،اين اي 44 ڊيرا اسماعيل خان ، اين اي 119 لاهور، اين اي 132 قصور۽ اين اي 196 قمبر شهدادڪوٽ تي پ پ اميدوار کي سرسي حاصل آهي، ٻئي پاسي پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند رهي ، جڏهن ته سيڪيورٽي انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، جڏهن ته نارو وال ۾ ن ليگ ۽ سني اتحاد جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ن ليگ جو هڪ ڪارڪن مارجي ويو،لاهور ۽ شيخوپورا ۾ به سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ رهي،هوڏانهن وفاقي وزير اطلاعات عطاءُ الله تارڙچيو آهي ته ننڍي چونڊ ۾ ن ليگ کي سرسي رهي، اڄ ڪوڙ جو بيانيو دفن ٿي ويو، جڏهن ته  شھدادڪوٽ جي قومي تڪ 196جي 303 پولنگ اسٽيشنن مان 300 پولنگ اسٽيشنن جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جو اميدوار خورشيد احمد جوڻيجو وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو آهي خورشيد احمد جوڻيجو جو مقابلو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اميدوار محمد علي پنھور سان ھو

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.