ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ جي تقريبن ضلعن ۾ ڪڻڪ لهڻ باوجود اڪثر علائقن ۾ آبادگارن ۽ هارين کي بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪرايا ويا آهن، ان ڏس ۾ گڏ ڪيل رپورٽن موجب، ميرپورٻرڙي ۾ آبادگارن امام الدين برڙو، عبدالحڪيم، محمود علي، ارشاد ڀٽي ۽ ٻين بارداڻو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو. ٻئي طرف ڪنب ۾ آبادگارن منور علي تمراڻي بابو خان رند هدايت علي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو رڪارڊ ڪرايو. جڏهن ته حيات پتافي ۾ وڪيل عبدالسلام مھر، اسد علي مھر، سيف الله چنڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بارداڻو نه ملڻ خلاف ڌرڻو هنيو ويو، هوڏانهن سڪرنڊ ۾ به آبادگارن علي گل ڪيريو عرفان ڪيريو راجا ارشاد ڪيريو عمران ڪيريو عبدالحميد ڪيريو ۽ ٻين مقامي ڪڻڪ گودام مجيد ڪيريو وٽ ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو. ان سلسلي ۾ آبادگارن جو چوڻ آهي ته ننڍا کاتيدار آھيون، گذر سفر زراعت تي آھي، ڪيترو ئي وقت گذرڻ باوجود اڃا تائين بارداڻو نه ٿو ڏنو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته بااثر وڏيرن کي اوطاقن تي بارداڻو پهچايو پيو وڃي جڏهن ته ننڊا آبادگار ۽ هاري سينٽر جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، آبادگارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته بارداڻو نه ملڻ سبب في ٻوري تي 2 هزار رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جيڪو سراسر ظلم آھي. هنن مطالبو ڪيو ته وڏو وزير، فوڊ کاتي جي وزير سميت لاڳاپيل اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن، بارداڻو ڏياري نقصان کان بچايو وڃي.