آءِ ايم ايف کان ڊگهو بيل آئوٽ پروگرام چاهيون ٿا: محمد اورنگزيب

واشنگٽن (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جو ڊگهو بيل آئوٽ پروگرام چاهي ٿو. واشنگٽن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آءِ ايم ايف وفد مئي جي وچ ۾ پاڪستان ايندو ۽ جون يا  جولاءِ ۾ ٺاهه ٿي ويندو. پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي، ٽيڪس نظام جي بهتري سان آمدني ۾ اضافو ٿيندو. محمد اورنگزيب موجب وڏن سيڙپڪارن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو اشارو ڏنو آهي. وفاقي وزير چيو ته ادارن جي نجڪاري تي عمل جاري آهي، چيني مارڪيٽ تائين پهچ لاءِ ڪوششون جاري آهن. محمد اورنگزيب چيو ته اقتصادي لاڳاپن جي بحالي پاڪستان جي وڏي ڪاميابي آهي، معيشت سان لاڳاپيل بال اسان جي ڪورٽ ۾ آهي، هاڻي اسان کي ڪم ڪرڻو پوندو. ٻئي طرف آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ مان پاڪستان لاءِ خوشخبري ملندي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي آمريڪا دوري بابت ڳالهائيندي مسعود خان چيو ته ناڻي واري وزير آمريڪا ۾ ڪيترن ئي سيڙپڪارن سعودي عرب، چين، ترڪي ۽ ٻين ملڪن جي ناڻي واري وزيرن سان به ملاقاتون ڪيون آهن، جن مدد جي مڪمل خاطري ڪرائي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.