احسان الله جي انجري وارو مامرو، پي سي بي وڏو قدم کڻي ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي فاسٽ بالر احسان الله جي انجريءَ تي آزاد ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
محسن نقوي پنهنجي بيان ۾چيو آهي ته احسان الله جي انجري هينڊل ڪرڻ جي طريقيڪار کي آزاد ميڊيڪل بورڊ ڏسندو.
ذريعن موجب، ٽن ميمبرن تي ٻڌل ميڊيڪل بورڊ احسان الله جي انجري بابت مستقبل جي حڪمت عملي تي تجويز ڏيندو.
واضح رهي ته برطانوي ڊاڪٽر فاسٽ بالر جي انجري جو مڪمل معائنو ڪري چڪو آهي ۽ احسان الله جي ٻيهر سرجري ٿيڻ جو امڪان به اظهار ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.