ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ نيوزيلينڊ کي هارائڻ بعد پاڪستاني رانديگرن کي انعامن سان نوازيو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي منيجمينٽ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگرن کي انعام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا.
سنيئير ٽيم مئنيجر وهاب رياض ايوارڊ ڏيڻ واري روايت جو بنياد وڌو ۽ نيوزيلينڊ خلا ف ٻين ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ بهترين فيلڊر جو ايوارڊ شاهين آفريدي کي ڏنو.
وهاب رياض جو چوڻ هو ته رانديگرن جي ڪارڪردگي ڏسي نئين روايت شروع ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته محمد عامر کي امپيڪٽ پليئر جو ايوارڊ ڏنو ويو.
ٽيم مئنيجر فالر محمد عامر کي مئچ بال ڏيندي چيو ته ابرار احمد، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي ٻي مئچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري.
واضح رهي ته پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف ٻين مئچ آساني سان 7 وڪيٽن تان کٽي ورتي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.