عالمي ڪپ ۾ پاڪستان ورلڊ چيمپيئن بڻائڻ چاهيان ٿو: محمد عامر

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2024 ۾ هارائڻ جو ڪو بهانو نه هجڻ گهرجي، جڏهن ته ٽيم جي لاءِ هر قسم جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽي ٽوئنٽي مئچ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي محمد عامر چيو ته 2019ع جي ڀيٽ اڄ پاڻ کي وڌيڪ فِٽ محسوس ڪري رهيو آهيان.
هن چيو ته بالنگ ڀائيواري سان ئي هلندي آهي، نسيم ۽ شاهين بهترين بالنگ ڪري رهيا آهن، ٻنهي جي موجودگيءَ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهيان ٿو.
فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته ٽيم ۾ سينيئر رانديگر هڪ بهتر ماحول بڻائڻ چاهن ٿا، عالمي ڪپ ۾ پرفارم ڪرڻ منهنجو هدف آهي، وهاب رياض کي پنڊي اسٽيڊيم وڏو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.
هن وڌيڪ چيو ته جون ۾ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ رٿيل ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي چيمپيئن بڻائڻ چاهيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.