ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ برساتن سبب 98 ماڻهو فوت، 72 زخمي

پشاور/ڪوئيٽا (عوامي آواز نيوز)  خيبرپختونخواه جي ڊزاسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽي موجب صوبي ۾ برساتن سبب مختلف حادثن ۾ هن وقت تائين 59 ڄڻا فوت ۽ 72 زخمي ٿي چڪا آهن. فوت ٿيندڙن ۾ 33 ٻار، 14 مرد ۽ 12 عورتون شامل آهن. ڪل 2 هزار 883 گهرن کي نقصان پهتو، جنهن ۾ 436 گهر مڪمل تباهه ٿيا ۽ 2 هزار 447 گهرن کي جزوي نقصان پهتو. دير، چترال، سوات، باجوڙ، شانگلا، مانسهره، مهمند، مالاڪنڊ ۽ ٻين ضلعن ۾ برساتن سبب گهڻو نقصان ٿيو. هوڏانهن بلوچستان صوبي جي اتر اوڀر ۽ اولهه ۾ برساتون بند ٿي ويون آهن. پي ڊي ايم اي موجب طوفاني برساتن سبب مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيو آهي ۽ مواصلاتي رستا به خراب ٿي ويا آهن. پي ڊي ايم اي متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون شروع ڪيون آهن.  لينڊ لائن، پي ٽي سي ايل، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس اڃا تائين معطل آهي. گوادر ۾ 4 ڏينهن گذرڻ باوجود گهرن ۽ تعليمي ادارن مان پاڻي نه نڪري سگهيو، جنهن سبب گوادر جي ڳوٺ مرادي ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي. متاثرن وٽان کاڌو ۽ راشن ختم ٿي ويو آهي، ٻئي طرف بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا شهري ٻوڏ ۾ ٿيل نقصان جي جاچ لاءِ فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.