سنڌ 18 ھين ترميم مان فائدو ڇو نٿي وٺي؟سماج گول دائري مان ٻاهر نه نڪتو:ٽيڪنوڪريٽ/دانشور

حيدرآباد: سنڌ جي ٽيڪنوڪريٽن ۽ دانشورن چيو آھي تھ سنڌ وٽ ترقي جو ڪو بھ ماڊل ۽ مائيڪرو پلان موجود ناھي، ايس يو پي پاران سنڌ کي درپيش خطرا ۽ چئلينجز جي موضوع تي منعقد ڪيل ”سنڌ قومي ڪانفرنس“ جي پھرين ويھڪ ۾ نامياري دانشور ۽ ٽيڪنوڪريٽ نصير ميمڻ ”سنڌ جي ترقي جو ماڊل ڪهڙو هجڻ گهرجي“ جي عنوان تي ڳالهائيندي چيو ته هن وقت سنڌ جي ترقي جي لاءِ ڪو بھ ماڊل موجود ناھي، رٿائون ۽ اسڪيمون تھ ضرور موجود آهن، جيڪي ٺيڪيدارن ۽ وزيرن جي ذريعي رکرايون وينديون آھن، پر حقيقت اھا آھي تھ سنڌ ۾ ڪڏھن بھ ترقي جو ماڊل ناهي جڙيو  ۽ اسڪيمن کي ترقي جو ماڊل نٿو چئي سگهجي. ھن چيو تھ هلندڙ مالي سال دوران ڊولپمينٽ پلان ۾ 11 هزار کان وڌيڪ اسڪيمون هلندڙ آهن، جن تي اربين روپيا مختص ڪيا ويا آهن، پر سنڌ کي اسڪيمن مان نڪري ترقي جي ھڪ نئين خيال طرف وڃڻو پوندو، گهٽ ۾ گهٽ ۾ سنڌ کي 25 سالن جو ترقي جو پلان گهرجي ٿو، ھن وقت سنڌي سماج گول دائرن ۾ ڦري پيو، پر اڳتي نٿو وڌي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ مدي خارج زرعي سماج مان نه نڪتي آهي، سماج کي آئي ٽي ڏانهن وٺي وڃڻ گهرجي، ھن چيو تھ 18 هين ترميم کانپوءِ سنڌ کي جيڪي اختيار مليل آهن انهن جو فائدو اسان ڇو نٿا وٺون، سنڌ کي وفاق کان بجلي وٺڻ جي ضرورت ناهي، پر سنڌ وٽ قدرتي ايترا وسيلا موجود آھن، جنھن سان سنڌ پنھنجي ٺاھيل بجلي وڪرو بھ ڪري سگھي ٿي، ٿرڪول ۽ ونڊ پاور ڪوريڊور سنڌ جي انرجي جو پورائو ڪرڻ کانسواءِ بجلي وڪرو به ڪرڻ لاءِ گهڻو آهي، سنڌ وٽ پنھنجي بجلي آھي تھ سنڌ ۾ انڊسٽريل زون ٺاھي مقامي ماڻھن کي جديد دور جي گھرجن موجب تربيت ڏياري انھن جي لاءِ روزگار وڏا ذريعا بھ پيدا ڪري سگھن ٿا، سنڌ زراعت کي نئين دور سان جوڙي، جنسن کي گهٽ اگهه تي ڏيڻ بجاءِ انھن مان ٻين طور طريقن سان ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪراچي کانسواءِ ٻيا شهر به بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻين شھرن تي بھ ڌيان ڏنو وڃي، جنھن سان ڪراچي اور سنڌ وارو اصطلاح پاڻ ئي دم ٽوڙي ڇڏيندو، نامياري دانشور پروفيسر مشتاق ميراڻي”ڊيموگرافي ۽ ڌارين جي آبادڪاري“ تي ڳالھائيندي چيو تھ سنڌ ڌارين جي آبادڪاري جو بار برداشت نٿي ڪري سگھي، ٻاھريون ايندڙ ماڻھو صرف پنھنجي علائقي کان ٻئي ھنڌ منتقل نٿو ٿئي، پر اھو پنھنجي ٻولي، مذھب، ثقافت ۽ نفسيات بھ سماج ۾ منتقل ڪري ٿو، تازو 2023ع ۾ ٿيل آدمشماري موجب سنڌ جي آدمشماري ۾ 2.57 سيڪڙو واڌارو ٿيو آھي، جڏھن تھھ صرف ڪراچي جي آبادي ۾ 4.10 سيڪڙو واڌ ٿي آھي، جيڪا سموري ڌارين جي لوڌ ئي ٿي سگھي ٿي. ھن چيو تھ سنڌ کي 73ع جي آئين ۾ پيپلزپارٽي جيڪي تحفا ڏنا آھن انھن جي ڪري ئي اڄ وڏي پئماني تي اضافو ٿيو آھي، ورھاڱي کانپوءِ آيل ماڻھن کي رڳو  سنڌ ۾ رھائڻ شروع ڪيو ويو، جڏھن تھ ڌرتي ڌڻين تي حملا ڪرائي خوف وارو ماحول پيدا ڪيو ويو، جنھن سبب ھو ھندستان لڏي ويا. ھن چيو تھ ڪراچي جي آبادي وڌي رھي آھي ۽ باقي سنڌ جي آبادي گھٽجي رھي آھي، جنھن سان سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 23 کي سنڌ ۾ 20 سالن تائين معطل ٿيڻ ڪري ٻين صوبن ۽ ملڪن جي ماڻھن کي واپس موڪليو وڃي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ ڌاريا ابتدائي طور تي ڪچيون آباديون قائم ڪري ويھن ٿا ۽ پوءِ حڪومتون انھن ڪچين آبادين کي بنا ڪجھھ سوچڻ جي ريگيولرائيز ڪري ڇڏي ٿي. ھن چيو تھ ڊوميسائيل ۽ پي آر سي جي قانون تي سختي سان عمل ڪري سنڌ جي خانگي شعبن ۽ ادارن جي لاءِ قانون جوڙيو وڃي تھ ھو ٻين ملڪن توڙي ٻين صوبن جي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ جي لاءِ اجازت نامو وٺن نامياري ليکڪ انعام شيخ چيو ته اسان 50 سال اڳ سوچيو هو ته سنڌ سرسبز ۽ خوشحال ٿيندي، پر اڄ ڏينھن تائين اسان پنهنجي گهر جي گهٽي به سڌي نه ڪري سگهيا آھيون. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪو به شعبو ۽ ادارو مثال طور پيش نٿو ڪري سگهجي، چند منصوبن کي ڪامياب منصوبو ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو، پر ان جي پويان بھ وڏا اسڪينڊل موجود آهن. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي اقتداري دور ۾ پيپلزپارٽي ڪڏھن بھ سنڌين کي پنهنجو ووٽر ناهي سمجهيو، پيپلزپارٽي وارا ووٽر کي پنهنجو غلام سمجهن ٿا، پيپلزپارٽي جي هن ٽولي سان جاگيردار، اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارا گڏ آهن، وزيرن وٽ ڪو ترقي جو خيال ۽ رٿابندي ناهي، سنڌ ۾ شروع ٿيل بسن واري پراجيڪٽ جي لاءِ 86 ارب روپيا ورلڊ بينڪ کان ورتا ويا آهن، پر بسن جي حالت ڏسو ته اها ڪجهه سالن کان وڌيڪ عرصي تائين نه هلي سگهندي. هن چيو ته سنڌي ماڻهو مارڪيٽ جي گهرجن تي پورو لهندو ته اڳتي وڌي سگھندو، سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ محمود نواز شاھھ چيو تھ پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ زراعت جي شعبي کي ڏسجي تھ سنڌ ۾ زراعت جي لاءِ ڪو پلان ناھي، سنڌ ۾ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن نالي ادارو ٺھيل آھي، ان کي 6 ھزار ايڪڙ زمين بھ مليل آھي، پر ان وٽان ڪنھن کي 10 ڪلو ٻج بھ نٿو ملي. ھن چيو تھ دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ سڀ کان وڏي جيڪڏھن ڪا جاکوڙ ٿي رھي آھي تھ اھا ماڻھن کي روزگار فراھم ڪرڻ جا ذريعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٿي رھي آھي، پاڪستان ۾ اڄ بھ 40 سيڪڙو روزگار جا ذريعا زراعت پيدا ڪري ٿوھن چيو تھ پاڪستان ۾ رڳو 37 سيڪڙو سرٽيفائيڊ ٻج آھن، باقي سمورا غير سرٽيفائيڊ ٻج استعمال ٿين ٿا. ھن چيو تھ دنيا بائيو ٽيڪنالوجي طرف وئي ھلي آھي، پر پاڪستان ۾ بائيو ٽيڪنالوجي اجازت ئي ناھي، ھن چيو تھ سڀ کان پھريان زرعي سڌارا سنڌ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿي، پر اڄ ڏينھن تائين زرعي سڌارا نھ ٿي سگھيا. پروفيسر عبدالمجيد چانڊئي ٻولي کي درپيش مسئلن بابت ڳالهائيندي چيو ته شاندار ماضي رکندڙ سنڌي ٻوليءَ کي مستقبل ۾ وڏا چئلينج آهن، سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي انگريزن تسليم ڪندي ڪم ڪيو، انگريزن سڄي لکپڙهه سنڌي ۾ ڪئي، پپر 47ع کان وٺي اڄ تائين سنڌي ٻولي کي اھا اھميت ناھي ملي جيڪا ملڻ گھرجي ھا. هن چيو ته سنڌي ٻولي کي سنڌ جي پڙهيل لکيل ھڪ مخصوص طبقي، رياست جي پاليسين، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي ڪري بھ وڏا چئلينج آهن، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي نٿي پڙهائي وڃي، نوجوانن کي سنڌي ٻولي لکڻ ۽ پڙهڻ جي سکيا ڏني وڃي. ھن چيو تھ سنڌ جي اسيمبلي ۾ بھ سنڌي ٻولي نٿي ڳالھائي وڃي، سنڌي ٻيلن ۽ ٻيلي کاتي جي زمينن بابت ڳالھائيندي زين دائودپوٽي چيو ته ٻيلن جي زمين جي سوديبازي ٿيندي رهي آهي، هن وقت سڀ کان وڌيڪ خطرو ٻيلن جي زمين کي آهي، هاڻ کلي عام ٻيلي کاتي جون زمينون وڪرو ٿين پيون، ٻيلن جي تباهي واري مسئلي کي سنڌ جون سياسي پارٽيون پنھنجي ايجنڊا جو حصو بڻائين، ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ تباهين کي روڪڻ ۾ ٻيلن جو ھجڻ انتھائي ضروري آھي. هن چيو ته ٻيلن جي زمين ڪنھن بھ صورت ۾ زرعي زمين طور استعمال نٿي ٿي سگھي، ان حوالي سان عدالتن جا فيصلا بھ موجود آھن، پر ھاڻ ٻيلي کاتي جي ڊي ايف اوز کي اھو هدف مليل آھي تھ ٻيلي کاتي جي زمين مان ڪيتري رقم ڪمائي ڏيڻي آھي، جڏھن تھ ان کانسواءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي بھ سنڌ جي ٻين زمينن جيان ٻيلي کاتي جون زمينون وڃڻ جو خدشو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.