وزير اعظم جو افغان ٽرانزٽ جي آڙ ۾ اسمگلنگ جي سهولتڪارن خلاف ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد ( م ڊ ) افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي حوالي سان قائم ڪيل انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته افغان ٽرانزٽ ٽريڊ  جي آڙ ۾ حڪومتي عملدار اسمگلرن کي سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ اسمگلنگ جي روڪٿام بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسمگلنگ، افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي غلط استعمال، منشيات، کنڊ، ڪڻڪ، ڀاڻ، پيٽروليم مصنوعات سميت کاڌي پيتي جي شين تي غور ويچار ڪيو ويو. غير قانوني هٿيارن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري کانپوءِ قومي اسمگلنگ مخالف حڪمت عملي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ جلد منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻه ڏينهن اڳ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي ۾ مستونگ ۾ اسمگلنگ جي گودام تي ڇاپو هنيو ويو هو، جنهن دوران هٿ آيل اسمگل ٿيل سامان جي ماليت 10 ارب رپين کان وڌيڪ هئي، وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي واکاڻ ڪئي ۽ انهن کي سمگلنگ جي خلاف ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اجلاس ۾ افغان ٽرانزٽ ٽريڊ بابت اي ڊي خواجا جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي اهلڪار افغان ٽرانزٽ ٽريڊ جي آڙ ۾ اسمگلنگ کي هٿي ڏئي رهيا آهن، اسمگلرن، ذخيره اندوزن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي فهرست تيار ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ صوبن کي فراهم ڪئي وئي آهي. وزيراعظم رپورٽ ۾ ملوث آفيسرن کي فوري طور تي عهدن تان هٽائي کاتي جي ڪارروائي جي هدايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.