پاڪستان ۾ آزادي تحريڪ جي مخالفن کي اقتدار ڏنو ويو : خالق جوڻيجو

لاھور (رپورٽ: حفيظ چنا) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين ، ناليواري دانشور عبدالخالق جوڻيجو جو ليڪچر پروگرام لاھور جي ريسرچ پبليڪشن آڊيٽوريم هال ۾ ٿي گذريو، جنھن ۾ وڏي تعداد شعور مندن شرڪت ڪئي ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالخالق جوڻيجو چيو  تہ پاڪستان جي شڪل ۾ نئون ملڪ تہ ٺھيو پر آزاد خود مختيار رياست نہ ٺھي ، بدقسمتي سان ملڪ کي ٺاھيندڙ غدار ڪوٺيا ويا ، جن آزادي  تحريڪ کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي انھن کي اقتدار ڏنو ويو ، ھن چيو تہ قومي تحريڪن ۾ ڪرمنل ماڻھن کي تنظيمن ۾ آڻي ويڙھاند ڪرائي سنڌ جي قومي  تحريڪن کي نقصان ڏنو ويو، ھن چيو ته دنيا کي اھو تاثر ڏنو پيو وڃي تہ مذھبي انتھا پسندي کي ختم ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف ان کي سنڌ ۾ ان کي ھوا ڏني پئي وڃي،تاريخ ۾ اسان جي وطن تي ڪابل قنڌار تان حملا ٿيا ، جڏھن حملا بہ اتان ٿيا ته پوء ڪھڙيون مجبوريون ھيون اسان پختونن سان اتحاد لاء مجبور ٿياسون، اسان جون تاريخون، تھذيبون پنجاب سان ملندڙ جلندڙ آھن ، سنڌ جو ماڻھو جھڙي نموني لطيف سائين کي ڳائي ٿو ، اھڙي نموني ھو بلي شاه کي بہ ڳائي ٿو ، ملائيت قومي تحريڪن سان مڊل ڪلاس کي نقصان ڏنو آھي ، اسان وٽ جيڪي ڪاروباري ماڻھو ھيا ، انھن کي مذھب جي بنياد تي الڳ ڪيو ويو ، بعد ۾ چيو ويو ته سنڌي گھر کان ٻاھر نہ پيا نڪرن ، ھن چيو ته سنڌي اھي ماڻھو آھن جيڪي انڊس سوسائٽي ، زرعي سوسائٽي سان تعلق رکن ٿا ، سنڌ جي تاريخ ۾ ڏسو ته سنڌ جي ماڻھن جو وڻج واپار يمن ، چين  سميت دنيا جي ھر خطي ۾ ڦھليل ھيو. لطيف سائين جي شاعري ان سلسلي پڙھي ڏٺي وڃي،  جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين چيو ته رياست ۾ پنجاب جي بالادستي آھي ، جاگيرداري سسٽم کي ھٿي ڏني پئي وڃي۔ سنڌ ۾  ڏوھارين تي جاگيردارن جو مڪمل ھٿ آھي، ھن چيو تہ دنيا ۾ ڪٿي بہ ناھي تہ رھزن ۽ قاتل ھيروز ھجن ، پر اسان وٽ سلسلو ڪجھ ٻيو آھي ، منھنجا ھيروز مخدوم بلاول ، شاھ عنايت ، جي ايم سيد آھن ، ھن چيو تہ مشڪل حالتن ۾ اختلاف کي الڳ ڪرڻو پوندو ، موجوده دؤر ۾ مذھبي انتھا پسندي وڏو مسئلو آھي ، ان کي ختم ڪرڻو پوندو ، ان کانپوء ئي سنڌ ، پنجاب ، بلوچستان بھتري آڻي سگھن ٿا ، ھن چيو مذھبي انتھا پسندي جي بنياد ڪٿي آھي ، ان لاء پنجاب جي دانشورن ،تعليم يافتہ کي اڳيان اچن ،  تقريب پنجاب جي ساڃانھ وندن کان علاوه انڊس ايسوسئيشن جي اڳواڻن انور عزيز چانڊيو، سراج قادر شيخ ، ظھير گھانگھرو ،ھادي بخش خاصخيلي ،راشد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.