اسان جون رٿائون شفاف آهن،ڀلي آڊٽ ڪرايو: شرجيل ميمڻ

ميرپورخاص(بيورو+پ ر)سينئير صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ،اطلاعات ۽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن شرجيل انعام ميمڻ ميرپورخاص ۾ پيپلز بس  ڪري سستي ۽ بهتر ماحول ۾ سفري سهولتون فراهم ڪيون وڃن،هن چيو ته سنڌ حڪومت جا منصوبا صاف شفاف آهن،اسان جو کليل چئلينج آهي ته اسان جي ڪنهن به رٿا جي آڊٽ ڪرائي وڃي، پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪاوشن سان ڪراچي ، لاڙڪاڻي،سکر ،حيدرآباد ۽ هاڻي ميرپورخاص ۾ پيپلز بس سروس جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي ۽ جلد سنڌ جي هر ضلعي ۾ پيپلز بس سروس جو آغاز ڪيو ويندو  ان کان اڳ صوبائي وزير سوشل ويلفيئر مير طارق ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پاران پيپلز بس سروس جي شروعات ڪري ميرپورخاص جي عوام کي شاندار تحفو ڏنو آهي۔  ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص فيصل احمد عقيلي ،ميئر عبدالرؤف غوري،ايم پي اي هري رام ڪشوري لال،حاجي نور احمد ڀرڳڙي،مير حسن ڌونڪائي شرجيل انعام ميمڻ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته عورتن لاءِ به ميرپورخاص ۾ پنڪ بس سروس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.