آءِ ايم ايف پاران پاڪستان دنيا جي خطرناڪ جنگي حالتن وارن ملڪن جي فهرست ۾ شامل

اسلام آباد (جاويد چوڌري)عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي دنيا جي خطرناڪ ترين  جنگي حالتن ۾ ورتل ۽ معاشي بحران جي وري چڙھيل ملڪ جي فھرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو آھي.جن ۾ عراق،  صوماليھ، سوڊان،يمن ۽ شام شامل آھن،جنھن ۾ ڇھين ملڪ طور پاڪستان کي ملايو ويو آھي.انھن مان ڪي ملڪ اھڙا آھن،جتي ويھن ويھن سالن کان گھرو ويڙھ جاري آھي، انھن ۾ملڪن ۾ بدامني جو راڄ آھي.ڪو سياسي اسٽرڪچر نھ آھي.ھي اھي ملڪ آھن جتي ڪو بھ ماڻھون خوشي سان وڃڻ نٿو چاھي.آءِ ايم ايف پاڪستان جي اوسر جي شرح 2 سيڪڙورهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي،آبادي جي شرح وڌڻ سان بيروزگاري ۽ غربت وڌڻ جو خدشو آهي،

آءِ ايم ايف  ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس جي ايجنڊا مان پاڪستان غائب

اسلام آباد ( م ڊ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) جي ايگزيڪٽيو بورڊ جو 29 هين اپريل تي اجلاس جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو اقتصادي جائزو  شامل نه ڪيو ويو آهي. آءِ ايم ايم ايف ايگزيڪيٽيو بورڊ اجلاس جي ايجنڊا ۾ في الحال پاڪستان جو اقتصادي جائزو شامل نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو 20 مارچ 2024ع تي طئي ٿيو هو.آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ جي منظوري سان پاڪستان کي هڪ ڏهائي هڪ ڊالرز جي آخري قسط ملندي ۽ آخري قسط جي حتمي منظوري سان ئي ٽي ارب ڊالرز جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ ختم ٿي ويندو. هوڏانهن پاڪستان آءِ ايم ايف کي پاڪستان آءِ ايم ايف کي 6 کان 8 ارب ڊالرن لاءِ باضابطا درخواست ڏئي ڇڏي آهي.

آءِ ايم ايف پئڪيج منظور ٿيو ته اين ايف سي اوارڊ تي نظرثاني ڪبي

واشنگٽن (م ڊ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب صوبن ۽ مرڪز وچ ۾ روينيو جي ورڇ کي بهتر بڻائڻ تي زور ڏنو آهي جڏهن ته عالمي  مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان 8 ارب ڊالرن جي وڏي بيل آئوٽ پروگرام جي توقع آهي. واشنگٽن ۾ صحافين ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته جيڪڏهن قرض منظور ٿيو ته اسلام آباد پنهنجي اين ايف سي ايوارڊ تي نظرثاني ڪندو جيڪو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ روينيو مختص ڪري ٿو. هن چيو ته جن شعبن کي وڏي پيماني تي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي انهن ۾ صوبائي مارڪيٽون آهن. ان سان گڏ، ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف کان ”وڏي ۽ ڊگهي“ ملٽي بلين ڊالرن جي قرض جي پروگرام جي درخواست ڪري رهيو آهي ۽ فنڊ جي آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.