”ميڊيا اولهه ۾ به ڪمزور آهي، پاڪستان ۾ 1947ع کان صحافت آزاد ناهي“

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر). نامور صحافين ۽ سول سوسائٽي جي ميمبرن فلسطين جي صورتحال تي اولهه جي ميڊيا تي تنقيد ڪندي کيس مشورو ڏنو آهي ته آزاد صحافت ۽ صحافتي اخلاقيات  جي پائمالي بند ڪري فلسطيني شهرين جي قتل تي تعصب پرستي واري رپورٽنگ بند ڪري. پاڪستان جي اقتصادي خوشحالي ۽ ترقي پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ آئين ، قانون ۽ جمهوريت جي حڪمراني کي تسليم ڪندي پريس مٿان اڻ اعلانيل پابندي ختم ڪري صحافين جي اقتصادي ناڪام بند ڪئي وڃي ۽ صحافت ۾ ايندڙ نئين نسل کي احفاظ رحمان، ناصر زيدي ۽ ٻين جي ضياءَ جي فوجي آمريت ۾ آزاد صحافت لاءِ ڏنل قربانين ۽ جدوجهد جي تاريخ پڙهي آزاد صحافت جي لاءِ جنگ جي ٻاريل شمع کي روشن رکي صحافتي پروفيشنل کي وڌيڪ ڪارگر بڻائڻ گهرجي. اها ڳالهه جنرل ضياءَ جي آمرانه دور ۾ آزاد صحافت لاءِ ڦٽڪن جي سزا ، جيل ۽ عقوبتون برداشت ڪندڙ صحافي، پنجاب جي اڳوڻي ترقي پسند شاگرد اڳواڻ ، مزدور حقن ۾ جيل ياترا ڪندڙ ناصر زيدي کي آزاد صحافت لاءِ قربانيون ڏيڻ تي احفاظ رحمان لائف اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ۾ چئي وئي. ان موقعي تي ناصر زيدي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت هجي يا فوجي آمريت پر  1947 کان وٺي هن وقت پريس آزاد نه رهي آهي، صحافت ۾ ايندڙ نئين نسل کي صحافت جي آزادي لاءِ بي پناه قربانيون ڏيندڙ اڳوڻي نسل جي آزاد صحافت واري رستي جي پيروي ڪرڻ گهرجي.هن چيو ته ملڪ جي اقتصادي ترقي ۽ بچاءَ جو رستو آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ پريس جي آزادي ۾ آهي ، صحافين جي اقتصادي ناڪا بندي ختم ڪرڻ کان سواءِ آزاد صحافت ممڪن نه آهي ۽ نئين نسل کي احفاظ الرحمان جي صحافتي ڪم ۽ جدوجهد جو مطالعو ڪرڻ گهرجي. ٽي وي اينڪر زرار کهڙو چيو ته اولهه جي صحافت غزه جي فلسطيني ٻارڙن ۽ عورتن جي نسل ڪشيءَ ڪرڻ ۾ اسرائيلي فوجين سان برابر جي شريڪ آهي ، هن فلسطين جي مسئلي تي تعصب وارو رويو اختيار ڪيو آهي، اسرئيلي شهرين جي مرڻ تي ته بار بار خبرون ڏئي ٿي، پر فلسطين جي معصوم ٻارڙن جي لاشن تي سرد ۽ غير صحافتي رويو اختيار ڪيو آهي ۽ ٽي وي خبارن ۾ فلسطيني شهرين، صحافين جو موقف پيش ڪرڻ لاءِ اسرئيلي نمائندن کي گهرايو وڃي ٿو.واشنگٽن پوسٽ هجي يا نيويارڪ ٽائمز يا رائيٽر هجي. اهي سڀ هميشه فلسطين خلاف اسرائيلي جارحيت ۽ فلسطينن جي قتل ۾ بي ايماني تي ٻڌل رپورٽنگ ڪري صحافتي اخلاقيات جي بي حرمتي ڪئي آهي، اها اهو سچ لکڻ لاءِ تيار نه آهي ته فلسطينين مٿان گوليون ۽ بم اچلائيندڙ ڪير آهن، پر فلسطين نوجوانن کي احتجاج ڪرڻ تي پنهنجي ڪارٽونن ۾ ڪئن جون شڪليون ٺاهي انهن جي هٿ ۾ فلسطيني جهنڊا ڏيکاري مٿان ڪرندڙ بم ڏيکارن ٿا، اهوئي رويو نازي جرمنيءَ ۾ نازي ميڊيا يهودين خلاف اختيار ڪندي سندن قتل عام کي جائز ثابت ڪري پيش ڪندي هئي. پروفيسر جعفر احمد چيو ته ملڪ ۾ آزاد صحافت کي روڪڻ لاءِ سينسرشپ بعد هاڻي ڪارپوريٽ سيڪٽر جي حوالي ڪري صحافين کي بي روزگار ڪري ڪنٽرولڊ ميڊيا کي جنم ڏنو ويو آهي، ناصر زيدي، احفاظ رحمان پنهنجي دور ۾ آزاد صحافت، جمهوريت ۽ آئين جي بالادستيءَ  لاءِ جيڪا جنگ شروع ڪئي هئي اها ختم نه ٿي آهي.  ، ڊاڪٽر ناظر محمود چيو ته جن جرنيلن فوجي ڪورٽون هلائي صحافين ۽ سياسي ڪارڪنن کي ڦٽڪن هڻڻ، جيل جون سزائون ڏيڻ جا فيصلا ڪيا ۽ جن برگيڊيئرن ۽ ميجرن عقوبت خانن ۾ صحافين کي تشدد  جو نشانو بڻايو هو اهي اڄ تاريخ ۽ سماج جي گندگي جي ڍيرن ۽ ڪٻاڙخانن ۾ مري ختم ٿي ويا کين ڪوبه ياد ڪرڻ ۽ عزت سان نالو کڻڻ لاءِ تيار نه آهي پر احفاظ رحمان،ناصر زيدي سميت هزارين سياسي ڪارڪنن ، مزدورن ۽ صحافين کي انهن جي موت بعد ۽ زندگيءَ ۾ تاريخي اعزاز سان سلام پيش ڪيو وڃي ٿو ۽ نئون نسل انهن جي نقش قدم تي هلڻ لاءِ قسم کڻي رهيو آهي.پروگرام ۾پروفيسر توصيف احمد ،مهناز رحمان ۽ ٻين ناصر زيدي کي سندس صحافتي ڪم ء۽ آزاد صحافت جي جنگ ۾ ڏنل قربانين جي اعزاز طور ” احفاظ رحمان لائف اچيومينٽ “ ايورڊ ڏنو ويو ، تقريب ۾ صحافين جي مسئلي تي اردو يونيورسٽي جي صحافت جي شعبي سان لاڳاپيل شاگردن ۽ شاگردياڻين صحافين ۽ آزاد صحافت جي مسئلن تي ڊرامو پيش ڪيو ۽ موسيقي جو پروگرام پڻ منعقد ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.