ايس آءِ ايف سي ٺھڻ کانپوءِ ٻيون زمينون به وينديون،مزاحمت ڪنداسين: سنڌ قومي ڪانفرنس

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرستن ۽ سياسي اڳواڻن چيو آھي تھ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪري منظم انداز ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي يقيني بنائڻ توڙي سنڌ جي حصي جي پاڻي تي وڌيڪ ڌاڙا ھڻڻ جي لاءِ خطرناڪ منصوبابندي ٿي چڪي آھي، موجوده اسيمبليون سمورن سنڌ دشمن منصوبن جو رستو صاف ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ قانونسازي ڪنديون، سيڙپڪاري جي نالي تي سنڌ  جون زمينون، وسيلا ۽ پاڻي مڪمل طور تي پرڏيھي ڪمپنين، فردن ۽ ادارن جي قبضي ھيٺ اچي ويندو، سنڌ جو ڪوسٽل بيلٽ اڳ ئي سنڌين کان ڦرجي چڪو آھي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعو ايندڙ ڪجھھ سالن ۾ مڪمل قبضي ھيٺ اچي ويندو، اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھھ سنڌ يونائيٽيڊ پاران سنڌ کي درپيش خطرا ۽ چئلينجز جي موضوع تي لطيف آباد حيدرآباد جي مقامي ھوٽل ۾ منعقد ڪيل ”سنڌ قومي ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو ته اسان سوچيو ته سنڌ جي گھڻ گھرن کي گڏ ڪري اھو غور ويچار ڪريون ته تازو چونڊن ۽ اسيمبلين جي نئين جوڙجڪ کانپوءِ واري صورتحال ۾ سنڌ جي لاءِ ڪھڙا چئلينج پيدا ٿيا آھن، آخر ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي ڪھڙي ضرورت پئي، جنھن اھڙيون چونڊون ڪرايون، جنهن تي سڄي دنيا کلي رھي آھي ۽ اهڙي اليڪشن جي پٺيان ڪهڙيون سازشون آهن، اسان کي ھڪ پاسو تھ اھو نظر آيو ان جي پٺيان عالمي ايجنڊا بھ آھي. ھن چيو ته 91ع واري پاڻي ٺاهه تي عمل نه پيو ٿئي، ارسا رڳو عملدرآمد ڪرائڻ واري باڊي آھي، ارسا جو چيئرمين مقرر ٿيڻ ڪو مسئلو ناھي، ارسا جي قانون ۾ جيڪي تبديليون ڪيون ويون آھن، اھو اسان لاءِ اصل وڏو مسئلو آھي، ارسا جي قانون ۾ ڪيل تبديليون 91ع واري پاڻي ٺاهه جي روح جي خلاف آهن ھن چيو ته سڄو ڪوسٽل بيلٽ سنڌين کان کسيو ويو آھي، ٺٽو به ھاڻ وڃي رھيو آھي، ايندڙ 20 سالن ۾ ايس آءِ ايف سي ٺھڻ کانپوءِ ٻيون زمينون به وينديون، زمين صوبائي معاملو آھي، پر زمينون اٿارٽيز جي نالي تي ڦرجنديون پيون وڃن، پر صوبائي حڪومت ان تي ڪڇڻ لاءِ تيار ناھي، نيب جا ڪيس ٿيندا آھن ته پوءِ ھي پيپلزپارٽي وارا چوندا آھن تھ اسان جو ته ڊوميسائيل ڪمزور آھي، پنھنجي ڪنھن سرمائيدار جي پاور پلانٽ کي گئس نٿي ملي تھ پوءِ ھنن کي صوبائي خودمختياري ۽ سنڌ ياد اچي ويندي آھي. ھن چيو ته سنڌين جي اجتماعي ملڪيت کسي پئي وڃي، معدني وسيلا، ڪوسٽل بيلٽ ۽ ٻيون زمينون ڦرڻ لاءِ خطرناڪ منصوبا جڙيل آھن، جيڪي مختلف وقتن تي پڌرا ٿيندا پيا وڃن، ايوانن ۾ ھنن پنھنجي منصوبابندي ڪري ڇڏي آھي، اسيمبلي ۾ انھن سنڌ دشمن خطرناڪ منصوبن خلاف ڪو به آواز نه اٿندو، بلڪه انھن منصوبن جي آساني سان منظوري مرحليوار ورتي ويندي، ان ڪري اسان چاھيون ٿا ته سنڌ ۾ راءِ عامھ جوڙي رکجي ۽ ڪنھن به قسم جي صورتحال سامھون اچي ٿي ته سنڌ جا ماڻھو سامھون ٿي بيھي رھن، اسان کي پڪ آھي تھ عوام اسان جو ساٿ ضرور ڏيندو، تحريڪ ھلي ٿي ته اسان جيلن ۾ وڃڻ لاءِ به تيار رھنداسين، ھن چيو ته امن امان صوبائي حڪومت جو مسئلو آھي ۽ مسئلو حل ڪرڻ ۾ ٻن مھينن کان وڌيڪ عرصو نه لڳندو، پر سنڌ ۾ هٿ سان اهڙو ماحول جوڙيو ويو آهي، ان جي پٺيان وڏي سازش نظر اچي رهي آهي، هن وقت قومي سودا ٿي رهيا آهن، ان سوديبازي ۾ پيپلزپارٽي ڌر طور سامھون بيٺل آھي. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ ته رٿابندي ٿئي ٿي، پر سنڌ ۾ ٻوڏ يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري بي گهر ٿيل ماڻهن لاءِ ڪابه رٿابندي ناهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڊپٽي ڪمشنر کان ويندي اڪثر ڪامورا سنڌي آهن، انهن جو ڪردار اسان ويجهي کان ڏٺو آهي، خودغرض ۽ منافق پڙهي لکي طبقي مان ڪجهه ماڻهو سنڌ جي اجتماعي ملڪيت کي لٽرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن ٿا. ھن اعلان ڪيو تھ سنڌ جي وجود، وسيلن ۽ زمينن جي لاءِ ايندڙ وقت ۾ ايندڙ خطرن کي منھن ڏيڻ جي لاءِ راءِ عامھ جوڙڻ جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ جي ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪانفرنسون منعقد ڪنداسين تھ جيئن سنڌ جا ماڻھو اڳواٽ خبردار رھن ۽ ڪنھن بھ صورتحال کي منھن ڏيڻ جي لاءِ پاڻ کي تيار رکن. هن چيو ته اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايف آئي ايف سي) ذريعي وفاقي حڪومت کي صوبائي حڪومت جي ڪنهن به اجازت جي ضرورت ناهي ڇو ته سنڌ اسيمبلي پنهنجا اختيار وفاق حوالي ڪري ڇڏيا آهن. قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته سڄي سنڌي سماج کي پنھنجي جائزي، ڇنڊڇاڻ ۽ ڇيد جي ضرورت آھي، سنڌي ماڻھو ڌر ناھن، سنڌي ماڻهو هر ماڻهو سان گڏ بيهڻ جي روايت قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪي ليڪ ڪڍي نٿا بيھن، پنھنجي وطن ۽ قوم لاءِ جيڪي ڌر ٿي بيٺل آھن، اھي جس لھن. ھن چيو ته ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، گهوٽڪي ۽ ان پاسي جي ٻين شھرن ۾ ماڻھو جياپي جي جنگ وڙھي رھيا آھن، ٻارڙا اسڪول نٿا وڃي سگھن، هر ٽئين چوٿين ڏينهن ماڻھو خودڪشيون ڪن ٿا. ھن چيو ته پيپلزپارٽي سان وفاق، اسٽبلشمينٽ ۽ عدليا گڏ آھن، پر اھو سڀ ڪجهه مستقل ناھي، عدليه ڪيسن جي ٻڌڻين تي رمارڪس ته دلچسپ ڏيندي آهي پر ايندڙ فيصلا انهن جو ڳٺ جوڙ واضح ڪري ڇڏيندا آهن، ماضيءَ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، نواز شريف، عمران خان ۽ ٻين سان به اھي سڀ گڏ ھئا. ھن چيو ته سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون وڪرو ڪرڻ لاءِ پيپلزپارٽي سوديبازي ڪرڻ لاءِ سولي پارٽي آھي، پيپلزپارٽي اقتدار ۽ پئسي لاءِ سنڌ جو سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي وفاق کان رڳو پئسن جي گھر ڪندي آھي، باقي سنڌ جي پاڻي، ناڻي ۽ وسيلن جي ڦرلٽ تي ھڪ لفظ بھ نھ ڪڇندي. پيپلزپارٽي سنڌي ماڻھن کي پيرن کان وٺي مٿي تائين ڪرپٽ ڪري ڇڏيو آھي. ھن چيو ته ڪي ماڻھو پيپلزپارٽي جي اليڪشن کٽڻ تي چوندا آھن ته سنڌ جي اجتماعي شعور جو درست فيصلو آھي، پر حقيقت ۾ سنڌ جو اجتماعي شعور ڪوبه ناھي، جيڪڏھن اھو سنڌ جو اجتماعي شعور ھجي ھا ته 5 ھزار لاءِ ماڻھن جون لائينون نه لڳل ھجن ھا، سنڌ جون زمينون، ڪارونجھر ۽ وسيلا ائين وڪرو نه ٿين ھا. هن چيو ته حالتون تبديل ٿينديون پر وقت ضرور لڳندو. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي چيو ته سنڌ خطرن ۾ نه پر پنھنجو وجود وڃائڻ طرف وڌي رھي آھي، ڪرپٽ ۽ غدار حڪمرانن سان گڏ سنڌ جي بيوروڪريسي به غدارن وارو ڪم ڪري رھي آھي. ھن چيو ته سنڌ ۾ بک ۽ بدحالي آڻي وسيلا لٽيا ويا آھن، سيڙپڪاري جي نالي توڙي بحريا ٽائون، ڊي ايڇ اي ۽ ٻين منصوبن جي آڙ ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، رياست سنڌين کي ھٿرادو طور تي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪري رھي آھي، ھاڻوڪي آدمشماريءَ ۾ جهڙي طرح ڪراچي کي جنھن انداز ۾ بيھاريو ويو آھي، ان مان محسوس ٿي رھيو آھي ته ايندڙ ڏھاڪن ۾ سنڌين کي مڪمل طور تي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويندو، ان ۾ پيپلزپارٽي سھولتڪاري وارو ڪردار ادا ڪيو آھي، رشوت خور، ڏوھاري ماڻھو ۽ ڪرپٽ پڙھيل لکيل بيوروڪريسي سنڌ تي مڙھي تباھي ڪئي پئي وڃي، پيپلزپارٽي جي حڪومت کي ھڪ پوليس آفيسر کي آءِ جي سنڌ مقرر نه ٿيڻ تي صوبائي خودمختياري ياد اچي ٿي، پر سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا لٽيا وڃن ٿا ته پيپلزپارٽي ان کي جائز قرار ڏئي خوش ٿيندي رھي ٿي. ھن چيو ته 91ع کان وٺي پنجاب سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، اسان جي وطن کي ذلت ۽ بک طرف ڌڪيو ويو آهي، سنڌ جون 2 ڊويزنون قبيلائي سردارن جي حوالي ڪيون ويون آھن، وفاق جو ڪو ادارو ناهي جيڪو سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ ۾ شامل نه هجي، ان ڪري قوم کي سنڌ جو وجود بچائڻ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ھن چيو ته پاڪستان کي فيڊريشن چوڻ ھڪ سياسي بيان آھي، پر سڀ ڪجهه پنجاب آھي، پاڪستان ۾ سنڌين جا ئي وسيلا بيدردري سان لٽيا پيا وڃن، پيپلزپارٽي، آصف زرداري ۽ وڏيرا پنجاب جي ايجنڊا کڻي ھلن ٿا، پاڪستان ۾ پنجابين ۽ پختونن کي آزادي سان ووٽ ڏيڻ جو حق آھي، پر سنڌين ۽ بلوچن کي آزادي سان ووٽ ڏيڻ جو حق به ناھي. هن چيو ته سنڌ تي ڏکيو وقت آهي، اهڙين حالتن باوجود پنهنجي قابليت، سچائي ۽ ڏاهپ ذريعي پنهنجي وطن جي حفاظت ڪرڻي آهي. جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته سنڌ ۾ ڊولپيمنٽ جي حوالي سان وڏي تباھي ٿي آھي، سنڌ ۾ 15 سالن جي پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ سنڌ جي ترقي جو ڪو ساراهه جوڳو منصوبو نظر نٿو اچي، وقت جي ضرورتن موجب اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ يو ٽي جھڙا ادارا ٺھڻ ننڍا قدم آھن، پر ڪا به ماڊل ڊسٽرڪٽ اسپتال اڄ بھ موجود ناھي. ھن چيو ته آصف زرداري پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين جو صدر آھي ۽ ھو ملڪ جو صدر به ٿيو ويٺو آھي، اھو صدر ڪھڙي طرح سان نيوٽرل صدر ٿي سگھي ٿو. ھن چيو ته پيپلزپارٽي وفاق ۾ حڪومت جي اتحادي آھي ۽ پوئين دور ۾ به رھي آھي، پر سنڌ جي پاڻي ۽ ناڻي جا مسئلا ختم ناھن ٿيا. ھن چيو ته سنڌ ۾ سٺي حڪمراني جو سوال آھي، سٺي حڪمراني کانسواءِ سنڌ اڳتي نٿي وڌي سگھي آصف زرداري پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي نمائندگي ڪري ٿو، آصف زرداري جو ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي پارٽي ۽ سياست سان ڪوبه تعلق ناھي. پيپلزپارٽي جو نظريو اھو آھي ته پئسو ٺاھيو ۽ پئسو خرچ ڪريو. ھن چيو ته ملڪ جي اڄ مجموعي صورتحال ۾ نئين سماجي معاھدي جي ضرورت آھي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته سنڌ لاءِ هٿ وٺي مسئلا پيدا ڪيا ويا آهن، سنڌ جو باشعور عوام سمجھي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ سنڌ تي قبضو ڪرڻ جي شروعات پاڪستان ٺھڻ شرط ئي ڪئي، اسٽيبلشمينٽ وڏيرن، سردارن ۽ انھن جي سھولتڪارن کي چونڊرائي اسيمبلي ۾ موڪلي ٿي، سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ پيپلزپارٽي ناھي، پيپلزپارٽي اسٽيبلشمينٽ جي اتحادي جماعت آھي، اھا سنڌ کي پليٽ ۾ رکي اسٽيبلشمينٽ کي ڏئي ڇڏي ٿي. ھن چيو ته اھا پيپلزپارٽي ئي آھي جيڪا سنڌ جا وسيلا بچائڻ بدران ميري ٽائيم بل پاس ڪري وسيلا وڪرو ڪري رھي آھي. ھن چيو ته فراڊ تي ٻڌل چونڊن ۾ پيپلزپارٽي کي کٽرائي اقتدار ۾ آندو ويو آھي، سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بي زمين ھارين کي ڏيڻ بدران وفاق کي ڏنيون پيون وڃن ۽ وفاق وري عربن کي اھي زمينون ڏئي رھيو آھي، مھذب ملڪن ۾ اهڙي قسم جون حڪومتون ناھن ھونديون، جيڪي ڌاڙيلن کي پالينديون ھجن، ڌاڙيل پالي پنھنجن کي ماريو پيو وڃي. ان ڪري اسان سمورن سنڌ جي گھڻ گھرن کي گڏ ٿيڻو پوندو، سنڌ جي زمينن، پاڻي، جبلن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ متحد ٿيڻو پوندو. جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين اسلم خيرپوري چيو ته سنڌ جي سمورن مسئلن جو حل، بقاءَ ۽ خوشحالي جو رستو صرف سائين جي ايم سيد جو فڪر ۾ آھي، تجربا ڀلي ٿيندا رھن، پر ھي پارليامينٽ ۽ حڪومتون ڪابه اھميت نٿيون رکن، ھن چيو تھ 70ع سيڪڙو گئس سنڌ ڏئي ٿي، پر سنڌ کي گئس نٿي ملي، بجلي سنڌ جي ڪوئلي مان پيدا ٿئي ٿي ۽ استعمال وري پنجاب جي شھرن ۾ ٿئي ٿو. ھن چيو ته ھن وقت ساڍا 13 لک ايڪڙ زمين سگھاري اداري کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بدين، ٺٽو ۽ سجاول ضلعو ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ مڪمل طور تي سنڌ کان کسيو ويندو. عوامي جمھوري پارٽي جي صدر لال شاهه چيو ته ايوب جي آمريت ۾ سنڌ جي بئراجن تي ڌارين کي آڻي زمينون ڏنيون ويون ۽ کين آباد ڪيو ويو، ان کانپوءِ ذوالفقار علي ڀٽو آيو، پر ان به اقتدار لاءِ سنڌ جا وسيلا ڏنا، بنگالين تي ظلم ۽ جبر ٿيو، پر ڀٽو اقتدار لاءِ اسٽيبلشمينٽ جي پاسي ٿي بيٺو رھيو. ھن چيو ته اسان شروع کان وٺي چوندا آيا آھيون ته اليڪشن مئنيج ٿيل ھونديون آھن، ھاڻ تازو 2024ع وارين چونڊن عام ماڻھن کي به اھا ڳالهه سمجھائي ڇڏي آھي ته ھن ملڪ ۾ چونڊون مئنيج ٿيل ھونديون آھن. ھن چيو ته سنڌ جا وسيلا لٽڻ لاءِ اھڙي پارٽي کي اقتدار ڏيڻو ھو، جيڪا خوشيءَ سان سڀ ڪجهه سنڌ جو وڪرو ڪري ڇڏي، بحريا ٽائون ۽ ٻين منصوبن جي صورت ۾ سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. اسان کي سياسي طور تي سگھارو ٿي اڳتي اچڻو پوندو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي ڳالھائيندي چيو ته اڄوڪي قومي ڪانفرنس سنڌ جي لٽيرن، چورن ۽ غدارن خلاف للڪار بڻي آھي، سڄي دنيا اندر ملڪ ترقي پيا ڪن، ماڻھو آزاد پيا ٿين، امن امان آھي، پر سنڌ ۾ بدامني عروج تي آھي، سنڌ ڏينهون ڏينهن پٺتي ڌڪجي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ تي جڏھن به ڏکيو وقت آيو آھي ته سنڌ جا ماڻھو سندرو ٻڌي نڪري نروار ٿيا آھن، سنڌ کي بچائڻ لاءِ نڪرڻ جي ضرورت آھي، 75 ڌاڙيلن 5 ضلعن کي پنھنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي، روڊ ئي اسان جو بچاءُ آھن، ھزارين ماڻھو نڪتا ته ھي سڀ ٻرن ۾ لڪي ويندا. ھن چيو ته عملي جدوجھد نه ڪئي ته ساڳيون ئي حالتون رھنديون، صرف حالتن تي روئيندا رھنداسين، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ نازش فاطمه چيو ته جتي سنڌ جي ڳالهه ايندي آھي ته اسان جو رت ٽھڪندو آھي، اقليتن جي نياڻين سان وڏيون ناانصافيون ٿي رھيون آھن، نياڻين جا اسڪول ناھن، 16 ورھين کان مافيا سنڌ تي قابض آھي. ھن چيو ته سنڌ جي ڊولپمينٽ جو ڪوبه ڪم نٿو ٿئي، ، سنڌ جي ماڻھن جي ذھنن کي مفلوج ڪيو ويو آھي، قومي ڪانفرنس کي جي يو آءِ جي اڳواڻ مولانا تاج محمد ناهيون، حافظ خالد حسين ڌامراھ، سماج سڌارڪ اڳواڻ بدر چنا، فنڪشنل ليگ اڳواڻ رفيق مگسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.