آرمي چيف جو معافي کان انڪار، جنرل فيض حميد خلاف ڪارروائي جو فيصلو

اسلام آباد (مزمل سهروردي) آرمي چيف جنرل عاصم منير ٽاپ سٽي ڪيس ۾ ڪرپشن ڪندڙن کي معاف ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ٽاپ سٽي پروجيڪٽ جي مالڪ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه رٽائرڊ جنرل  فيض حميد خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي آرمي چيف سندس خلاف ايڪشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڇو ته هن وٽ مالي بدعنواني ۾ ملوث ماڻهن لاءِ معافي ناهي، چيو پيو وڃي ته منگلا جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ايمان بلال کان وقت کان اڳ ورتل رٽائرمنٽ جو سبب به مالي بدعنواني هو. اڪثر فوجي آفيسر رٽائرمنٽ کانپوءِ ريئل اسٽيٽ جي ڪاروبار ۾ ويندا آهن، انهن مان گهڻا وڏن ملڪ رياض جهڙن وڏن ريئل اسٽيٽ ٽائڪون وٽ نوڪريون ڪن ٿا، جن ۾ رٽائر جنرل، برگيديئر ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدن جا آفيسر به شامل آهن. اهي وڃي حاضر سروس فوجي آفيسرن سان لاڳاپا قائم ڪري پنهنجا ڪم ڪرائيندا آهن. آرمي چيف ان معاملي مان جان ڇڏائڻ لاءِ ٽاپ سٽي ڪيس تي بنياد بڻائي رٽائرڊ فوجي آفيسرن جي نوڪرين تي پابندي هڻي سگهي ٿو، ڇو ته آرمي چيف سمجهي ٿو ته ريئل اسٽيٽ سياستدانن، ججن ۽ جنرلن کي ڪرپٽ ڪيو آهي. ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ڪندڙ هڪ بلڊر جي دعويٰ آهي ته هن 12 رٽائرڊ جنرل ملازم رکيا آهن،هڪ ٻئي بلڊر وٽ 8 رٽائرڊ برگيڊيئر ملازم طور رکيل آهن،هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فوج جي اندر جيڪا پلاٽو ڪريسيءَ جي سرگرمي شروع ٿيل آهي، ان کي ختم ڪرڻ ۽ فوج کي پلاٽو ڪريسيءَ کان پري رکڻ لاءِ سخت پاليسيءَ جوڙي وڃي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 21 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.