اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان وچ ۾ صلح لاءِ خيرخواهن جو گروپ سرگرم ٿي ويو

اسلام آباد(شاهد اسلم) پاڪستان جي خيرخواهن جي گروپ فوجي اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان وچ ۾ ٺاهه لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ان ۾ ٻه اڳوڻا وفاقي وزير،هڪ رٽائرڊ سينئر فوجي آفيسر شامل آهن،ان ۾ ٻين ماڻهن کي به شامل ڪيو پيو وڃي، ان گروپ جو مقصد اهو آهي ته ڪيئن ٻنهي ڌرين ۾ بي اعتمادي ختم ڪجي ۽ پاڪستان ۾ سياسي استحڪام آڻجي،ذريعن موجب ان گروپ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو رهندڙ مشاهد حسين به شامل هئڻ جو امڪان آهي،هو پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حوالي سان کليل نموني ڳالهائيندو آهي،هو وچولي رستي جو خواهشمند آهي،عمران خان کي اڻ سڌي ريت پيغام موڪليا پيا وڃن،شين کي پوائنٽ آف نو ريٽرن تان ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون هلي رهيون آهن،اسٽيبلشمينٽ جو زور آهي ته عمران خان 9 مئي واقعن جي مذمت ڪري ۽ ان تي معافي وٺي ته پوءِ ڳالهيون اڳتي وڌي سگهن ٿيون،عمران خان کليل نموني 9 مئي واقعن جي مذمت ناهي ڪئي،هو ترديد ڪندو رهيو آهي ته انهن واقعن ۾ پي ٽي آءِ ملوث ناهي، جڏهن ته اڊيالا جيل مان هن موجوده آرمي چيف جي حوالي سان سخت الزام هنيا آهن،

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، آچر 21 اپريل 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.