ڪراچي ۾ پرڏيهين جي گاڏيءَ تي آپگهاتي حملو، زخمي سيڪيورٽي گارڊ جو بيان سامهون اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي علائقي لانڍي ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي زخمي سيڪيورٽي گارڊ نگر خان جو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن پوري واقعي بابت ٻڌايو آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي نگر خان ٻڌايو ته گاڏيءَ ۾ وڃي رهيا هئاسين ته رستي ۾ هڪ همراهه ڊوڙندو آيو، مون کي شڪ ٿيو ته اِهو حملو ڪندو ۽ مون مٿس فائرنگ ڪري ڏني، ان دوران ئي همراهه پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو.
زخمي سيڪيورٽي گارڊ موجب، پٺيان نور محمد جنهن فائرنگ ڪئي ته سامهون کان به فائرنگ ٿي، دهشتگردن جون گوليون مون کي ۽ نور محمد کي لڳيون، جڏهن ته ڊالي ۾ موجود ساٿين به فائرنگ ڪئي.
سندس چوڻ هوته ان دوران پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي چڪي هئي، پوليس به فائرنگ ڪئي پر دهشتگرد اسان جي فائرنگ ۾ مري ويو هو.
ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ ڪراچي جي علائقي لانڍيءَ جي مانسهرا ڪالوني ۾ پرڏيهي جي گاڏيءَ تي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا هئا جڏهن ته هڪ سيڪيورٽي گارڊ شهيد ٿي ويو هو، ڌماڪي ۽ فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ ۽ واٽهڙو به زخمي ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.