محمد اورنگزيب جي نائب آمريڪي ناڻي واري وزير سان ملاقات

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي نائب آمريڪي ناڻي واري وزير برينٽ نيمين سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ناڻي وزارت موجب. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف سان ڪيل اسٽينڊ باءِ پروگرام بابت آگاهه ڪيو، ناڻي واري وزير ٽيڪسن جو دائرو وڌائڻ جي حوالي سان بريف ڪيو، ناڻي واري وزير سرڪاري ادارن جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ بابت اپائن کان آگاهه ڪيو.
ناڻي وزارت جو چوڻ آهي ته خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي ڪردار تي به بريفنگ ڏني وئي، ناڻي واري وزير بجيٽ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.