بشريٰ بي بي جي ميڊيڪل رپورٽ سامهون اچي وئي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جو طبي معائنو ڪيو ويو ۽ ڊاڪٽرن سموريون رپورٽس ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيون.
ذريعن موجب، بشريٰ بي بي ٽيسٽ لاءِ ڇهه ڪلاڪ اسلام آباد جي خانگي اسپتال ۾ رهي جتي سندس انڊواسڪوپي سميت ٻيا ٽيسٽ ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي بلڊ ٽيسٽ ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ۽ رت جا نمونو نه ڏنو.
اسپتال ذريعن موجب، بشريٰ بي بي جي اينڊواسڪوپي، الٽرا سائونڊ، ايڪو ۽ اي سي جي ڪئي وئي جڏهن ته چيڪ اپ وقت پي ٽي آءِ باني عمران خان جو ذاتي ڊاڪٽر عاصم پڻ موجود هو.
ذريعن موجب، ڊاڪٽرن سموريون رپورٽون ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيون، اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي کي معدي يعني گيسٽرو جو معمولي مسئلو آهي.
اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته بشريٰ بي بي طرفان رت جو نمونو نه ڏيڻ وارو معاملو حتمي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويندو ۽ طبي رپورٽون ڊاڪٽر عاصم، جيل سپرنٽنڊنٽ ۽ پمز اسپتال کي فراهم ڪيون وينديون.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن احتساب عدالت بشريٰ بي بي جي درخواست منظور ڪندي ٻن ڏينهن اندر نجي اسپتال مان سندس ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.