ڏوهارين جي سرپرستي وارو الزام: بابل ڀيي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) صوبائي صلاحڪار بابل خان ڀيو هٿيارن جي اسمگلنگ واري معاملي تي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

وڏي وزير جي صلاحڪار بابل خان ڀيو پنهنجي بيان ۾ چيو ته منهنجو يا منهنجي پٽن جو هٿيارن جي اسمگلنگ واري معاملي سان ڪو به واسطو نه آهي، جنهن گاڏيءَ تي اسان جا پينا فليڪس لڳل آهن اها اسان جي گاڏي نه آهي.

بابل ڀيو چيو ته سياسي ماڻهو آهيون اسان جا پينافليڪس ڪير به لڳائي سگهي ٿو، اسان جي خاندان جي ڪردار کان سنڌ واسي واقف آهن.

هن چيو ته ڏيڍ سال کان ڏوهارين سان ويڙهه ڪري رهيا آهيون ۽ امن جا حامي آهيون، گرفتار ڪيل جوابدارن سان به منهنجو ڪو تعلق نه آهي.

سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي ناحق ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي، ان معاملي تي تي غير ضروري سياست ڪئي وئي.

بابل خان ڀيو سنڌ حڪومت کان درخواست ڪئي ته واقعي جي اڻڌري جاچ ڪرائي وڃي ۽ استعيفيٰ فوري طور تي منظور ڪري انڪوائري شروع ڪئي وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته مان وڏي وزير کي درخواست ڪيان ٿو ته معاملي جي جاچ ڪرائي انڪوائري رپورٽ منظرِ عام تي آندي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.