اداس ماڻهن کي ڊگهين موڪلن جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن اوهان اداس ۽ بيچين محسوس ڪري رهيا آهيو ته آفيس جي ڪم جي ڳڻتي نه ڪريو ۽ موڪل وٺي هليا وڃو، اها انوکي پاليسي چيني ڪمپني متعارف ڪرائي آهي جتي ملازم ناخوش هجڻ تي ساليانو 10 موڪلون ڪري سگهن ٿا.

چيني ڪمپني يو ڊونگلائي جي باني ۽ چيئرمين پينگ ڊونگ لائي پنهنجي ملازمن لاءِ انوکي پاليسي متعارف ڪرائي آهي.

نئين پاليسي تحت جيڪڏهن ڪو ملازم ڪنهن به سبب جي ڪري خوش ناهي يا اداس آهي ته اهو پنهنجي مينيجر کي ٻڌائڻ کانسواءِ موڪل ڪري سگهي ٿو.

ان کانسواءِ هر ملازم کي اها سهولت ڏني وئي آهي ته هو ان قسم جون موڪلون سال ۾ 10 ڀيرا ڪري سگهي ٿو، موڪل ڪرڻ تي انتظاميا کيس نٿي روڪي سگهي يا ڪو سوال نٿي ڪري سگهي.

ڪمپني جو باني چوي ٿو ته هر ڪنهن جي زندگي ۾ اهڙو وقت ايندو آهي جڏهن اوهان خوش ناهيو هوندا ۽ جيڪڏهن اوهان اداس آهيو ته ڪم تي نه اچو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.