ايلون مسڪ ڀارت وڃڻ جو ارادو ڇو ملتوي ڪيو؟

ٽيسلا ڪمپني جي مالڪ ايلون مسڪ ڀارت جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽس موجب ايلون مسڪ اعلان ڪيو هو ته هو ڀارت جو دورو ڪندو پر تازو بيان جاري ڪيو ويو آهي ته ڪم جي مصروفيتن سبب هن پنهنجو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٻيهر دوري جي منصوبابندي جلد ڪئي ويندي.

رپورٽس موجب ايلون مسڪ پنهنجي ڪار جي ڪمپني کي ڀارت ۾ لائونچ ڪرڻ پيو وڃي جتي ايگزيڪيوٽو روهن پٽيل هيو جنهن هلندڙ هفتي استعيفيٰ ڏني آهي. ان کان پوءِ ئي ايلون مسڪ جي دوري جو فيصلو تبديل ٿيو آهي. واضح رهي ته 15 اپريل تي ايلون مسڪ سڄي دنيا مان ٽوٽل 10 سيڪڙو ماڻهو برطرف ڪيا هئا. ان دوري ۾ ايلون مسڪ پاران 2 کان 3 ارب ڊالرز جي سيڙپڪاريءَ جي رٿابندي ٿيل هئي.

ايلون مسڪ جو دورو ان وقت ملتوي ٿيو آهي جڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ چونڊون پيون هلن ۽ نريندر مودي ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ پراميد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.