ڪراچي واٽر بورڊ جو سي اي او جي اپائن جي عالمي سطح تي مڃتا

ڪراچي (پ ر) ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جو سي اي او انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊجي ويو آهي.

لنڊن ۾ ٿيل ٽن ڏينهن واري گلوبل واٽر ليڊرز ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ سي اي او ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد کي سندس بهترين اپائن تي ڏکڻ ايشيا جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو آهي جيڪو نه رڳو سندس لاءِ پر اداري سميت سموري ملڪ لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.

ياد رهي ته اهو پهريون موقعو آهي جو گلوبل واٽر سمٽ ۾ ڪنهن پاڪستاني کي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو هجي.

ٻئي پاسي سي اي او ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پنهنجي تاثرات جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهو الله جو فضل ۽ اسان جي ڪوششن جو نتيجو آهي ۽ انشاءُالله مستقبل ۾ اسان واهپيدارن جو 100 سيڪڙو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.