جناح سنڌ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج جو 10هون ڪانووڪيشن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جناح سنڌ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج جو ڏهون ڪانووڪيشن ٿي گذريو جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ گريوئيٽس شريڪ ٿيا، شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ميڊل پڻ ورهايا ويا.

ڪانووڪيشن جي تقريب ڪميونٽي سينٽر، پي اي ايف فيصل بيس ۾ ٿي جنهن ۾ ڊگريون ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي تعليمي سال جي پڄاڻي تي جشن ملهايو.

تقريب ۾ 58 ميڊلز ورهايا ويا ۽ ڊگريون ماڻيندڙ شاگردن جي ڪاميابين تي روشني وڌي وئي.

ڪانووڪيشن دوران شاگردياڻين 21 اعزاز حاصل ڪيا. ايم بي بي ايس جي شاگردياڻي وهورا ماهم شاندار ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ 6 ميڊل حاصل ڪيا.

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج ڪانووڪيشن جو خاص مهمان هو، هن گريجوئيٽ ڪلاس کي خطاب ڪندي سندن ڪاميابين تي مبارڪون ڏنيون.

پروفيسر سراج جناح سنڌ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج جي واکاڻ ڪئي ۽ صحت جي شعبي سان واڳيل ماڻهن جي اهم ضرورت تي زور ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.