واپارين لاءِ واٽس ايپ پاران خوشخبري

دنيا جي مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ کي واپارين لاءِ وڌيڪ بهتر بنائڻ تي ڪم جاري آهي.

رپورٽس موجب واپار سان واڳيل واهپيدارن لاءِ هڪ نئون فيچر اچي رهيو آهي، ان فيچر ۾ واپاري ماڻهو ضروري ميسيج کي محفوظ ڪري سگهندا. واهپيدارن جا نياپا محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪجهه آپشنز موجود آهن جن ۾ pinning يا starring message جهڙا آپشن شامل آهن پر هي نئون فيچر واپاري ماڻهن لاءِ اهم سمجهيو پيو وڃي. جنهن جي ذريعي هو واٽس ايپ ميسيج کي Note جي صورت چيٽ ۾ ئي شامل ڪيا ويندا.

هي نئون فيچر واٽس ايپ بزنس جي بيٽا ورزن ۾ شامل آهي. هن فيچر جي استعمال سان واهپيدار مخصوص ميسيج چونڊي Add to note ۾ شامل ڪندا پوءِ اهو ميسيج نئين نوٽ ۾ شامل ٿي ويندو. هي نئون فيچر فلحال بزنس اڪائونٽس لاءِ دستياب ڪيو ويو آهي، پر جلد سمورن واهپيدارن لاءِ اچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.