ڪراچي ۾ صحافي ناصر زيدي کي مڃتا لاءِ ايوارڊ تقريب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ۾ سينيئر ۽ ناليواري صحافي ناصر زيدي جي خدمتن جي مڃتا لاءِ اظهار آزادي صحافت ايوارڊ 2024 جي تقريب ٿي گذري.

تقريب ۾ سينيئر ناليواري صحافين، سهيل سانگي، ناصر زيدي، وارث رضا ،مظهر عباس ۽ ٻين سينيئر صحافين توڙي اردو يونيورسٽي جي صحافت جي شعبي سان لاڳاپيل شاگردن توڙي شاگردياڻين پروگرام ۾ شرڪت ڪئي.

ايوارڊ تقريب ۾ مرحوم سينئر ناليواري صحافي احفاظ الرحمٰن جي صحافت ۾ خدمتن کي سارهايو ويو.

پروگرام ۾ سينيئر ناليواري صحافي ناصر زيدي جي صحافتي جدوجهد بابت ڳالھ ٻوله ڪئي وئي.

سينئر ناليواري صحافي ناصر زيدي کي صحافت جي دنيا ۾ خدمتن عيوض احفاظ الرحمٰن لائف ٽائم اچيومنٽ ايوارڊ 2024 پيش ڪيو ويو.

سينيئر ۽ ناليواري صحافي ناصر زيدي اردو يونيورسٽي جي صحافت جي شعبي سان لاڳاپيل شاگردن توڙي شاگردياڻين کي صحافت جي تاريخ ۽ خدمتن آگاهي خطاب ڪيو.

ناليواري سينيئر صحافي ناصر زيدي پاران اردو يونيورسٽي جي صحافت جي شعبي سان لاڳاپيل شاگردن توڙي شاگردياڻين کان صحافت جي فرضن جي ادائگي بابت حلف پڻ کڻايو ويو ۽ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.