سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي آفيسرز ايسوسيئيشن پاران وي سي جي آجيان

ڪراچي (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي آفيسرز ايسوسي ايشن چيو آھي تہ ڪجھ ٽي وي چينلز ۽ اخبارن ۾ آيل خبرون يونيورسٽي جي آفيسرن جي اجتماعي موقف جي خلاف آھن. ايسوسيئيشن جي صدر عبدالوحيد جتوئي ۽ سينيئر وائس چيئرمين سيد مظهر علي شاهه پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته آفيسرز ايسوسي ايشن پروفيسر ڊاڪٽر مجيب الدين صحرائي ميمڻ جي وائس چانسلر طور مقرري واري فيصلي جي آجيان ڪرڻ سان گڏ ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي اداري جي بھتري لاء ڪيل فيصلن سان گڏ بيٺل آھي. آفيسرس ايسوسيئيشن جي عهديدارن چيو آھي تہ اسان آفيسرس ايسوسيئيشن پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جا ٿورائتا آهيون، جنھن ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي وائس چانسلر طور ٻئي مدي لاء مقرري ڪئي.

ھنن چيو ته ميڊيا جي ڪجھ حصن ۾ آيل غير تصديق ٿيل رپورٽون ايسوسيئيشن جو موقف ناھن. ھنن عهديدارن ميڊيا کي درخواست ڪئي ته يونيورسٽي جي آفيسرز جي حوالي سان ڪابہ رپورٽ ڏيڻ کان اڳ ۾ ايسوسيئيشن جي زميدارن کان سن جي تصديق ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن ڪو ھڪ شخص ڪا ڳالھ ڪري ته سمورن آفيسرن جي نمائندگي واري اھا ڳالھ نه سمجھي وڃي.

ھنن وڌيڪ چيو ته سنڌ مدرسہ يونيورسٽي جا سمورا آفيسر، آفيسرس ايسوسيئيشن جي پليٽ فارمن تي متحد آھن ۽ اھي يونيورسٽي جي بھتري، ترقي ۽ بھتر ماحول کي برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي فيصلن کي درست سمجھن ٿا. گڏوگڏ ايسوسيئيشن سمجھي ٿي ته ڊاڪٽر مجيب صحرائي جي سربراهي ۾ ھن تاريخي اداري جيڪا شاندار ترقي ڪئي اھي، ان ترقي ۾ ھن جي ٻئي مدي لاء مقرري سان ھڪ تسلسل پيدا ٿيندو ۽ ادارو وڌيڪ ترقي ڪندو.

ھنن چيو ته آفيسرز ايسوسيئيشن جي چونڊيل نمائندن طور ميڊيا کي درخواست ڪريون ٿا تہ ھو سنڌ مدرسہ يونيورسٽي ۽ ان جي قيادت جي متعلق معاملن تي ايسوسيئيشن جي موقف جي باري ۾ درست معلومات جي لاء ذميوار ذريعن کان ڄاڻ حاصل ڪن. ھنن چيو ته اسان يونيورسٽي جي ڪميونٽي ۾ اتحاد، بھتر ماحول ۽ ترقي واري عمل کي برقرار رکڻ لاء پرعزم آھيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.