رڪوري ۾ ڪوتاهي، وڏو وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن اختيارين تي ڏمرجي پيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رڪوري پوري نه ٿيڻ تي ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن اختيارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي جو اجلاس ٿيو.
وڏي وزير جي ترجمان موجب، ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن جي ريونيو اوڳاڙين جي حوالي سان اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي گذريل ٽن سالن دوران 335،200 ملين رپين جي ابتڙ 287،604 ملين رپين جي ريڪوري ڪئي، اهڙي طرح 47،596 ملين رپين جو شارٽ فال آهي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو سال 2023_24ع ۾ ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن جو بجيٽ ٽارگيٽ 55،218 ملين رپيا آهي جڏهن ته مهيني ۾ 41،414 ملين رپين جي ابتڙ 13،901 ملين رپين جي اوڳاڙي ڪئي آهي، جيڪو ريڪوريءَ جو رڳو ساڍا 33 سيڪڙوآهي.
وڏي وزير ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي طرفان ريڪوري پوري نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
هن ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن جي وزير شرجيل ميمڻ کي ذاتي طور تي کاتي ۾ اوڳاڙين تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
وڏي وزير چيو ته جيڪي آفيسر اوڳاڙين جو ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ان کانسواءِ وڏي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کي ايڪسائيز ۽ پروفيشنل ٽئڪس جي ڪلڪيشن تي ڌيان ڏيڻ جي به هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.