آءِ ايم ايف بورڊ جو شيڊيول جاري، پاڪستان جو اقتصادي جائزو شامل ناهي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) جي ايگزيڪٽيو بورڊ جو 29 هين اپريل تي اجلاس جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو اقتصادي جائزو شامل نه ڪيو ويو آهي.
آءِ ايم ايم ايف ايگزيڪيٽيو بورڊ اجلاس جي ايجنڊا ۾ فلحال پاڪستان جو اقتصادي جائزو شامل نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو 20 مارچ 2024ع تي طئي ٿيو هو.
آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ جي منظوري سان پاڪستان کي هڪ ڏهائي هڪ ڊالرز جي آخري قسط ملندي ۽ آخري قسط جي حتمي منظوري سان ئي ٽي ارب ڊالرز جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ ختم ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.