” ظلم ٿيو آهي، انصاف ڏيو“ عمران خان جو چيف جسٽس کي خط

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني چيف جسٽس کي خط لکي ڪارڪنن کي انصاف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ چيف جسٽس کي لکيل خط پڌرو ڪري ڇڏيو، جيڪو چئن صفحن تي ٻڌل آهي.
خط جاري ڪرڻ جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات رئوف حسن پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي چوڻ تي چيف جسٽس آف پاڪستان کي عمران خان طرفان خط لکيو آهي.
هن چيو ته اسان جي ساٿين سان ظلم ٿي رهيو آهي پر چيف جسٽس نه پاڻ انصاف ڏنو ۽ نه ئي ماتحت عدالتن مان انصاف مليو.
رئوف حسن جو چوڻ هو ته معاملو ڳنڀير ٿي ويو آهي، گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ننڍي چونڊ واري اعلان بعد اسان جي سمورن ورڪرن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن، ڪارڪنن جي فيمليز سان بدسلوڪي معمول بڻيل آهي.
هن چيو ته مخالفن جي ڪوشش آهي ته ننڍي چونڊ کي تڪراري بڻايو وڃي، مختلف آر اوز کان خالي ڪاغذن تي صحيحون ڪرايو پيون وڃن، نه مڃڻ وارن آر اوز کي پڪڙي ٽارچر ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.