حافظِ قرآن آهيان، ايم فل جي ڊگري وڏي ڳالهه ناهي: حريم شاهه

ڪراچي(ويب ديسڪ) لنڊن ۾ رهندڙ مشهور پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه ايم فل جهڙي اعليٰ تعليمي ڊگري کي کاٻي هٿ جي راند قرار ڏنو آهي.

رپورٽ موجب حريم شاهه تازو پنهنجي انٽرويو ۾ مختلف معاملن مثال سياست ۾ قدم رکڻ، پارٽي جوائن ڪرڻ ۽ تازو تڪراري وڊيوز ليڪ ٿيڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. حريم شاهه انڪشاف ڪيو ته هوءَ حافظِ قرآن آهي، اها ڳالهه سڀ ڄاڻن ٿا ۽ هن ڊبل ماسٽرز پڻ ڪئي آهي.

هن چيو ته جيئن هوءَ ايم فل ڪرڻ چاهي ته اهو سولو آهي، هن ذري گهٽ هر مذهب پڙهيو آهي ۽ مختلف ادارن مان مختلف ڪورسز به ڪيا آهن، ان لاءِ مذهب جي موضوع تي ايم فل ڊگري حاصل ڪرڻ کاٻي هٿ جي راند آهي.

حريم شاهه چيو ته لنڊن ۾ هن هڪ سياسي پارٽي جوائن ڪئي آهي پر هوءَ ٻڌائڻ نٿي چاهي ته ڪهڙي پارٽي آهي. واضح رهي ته تازو سندس تڪراري وڊيوز وائرل ٿيون آهن جنهن سبب هوءَ ٽرينڊنگ تي آهي. اداڪارا ٽرينڊنگ تي هجڻ بابت چيو ته ڪنهن پاڪباز عورت تي الزام هڻڻ وڏو ڏوهه آهي. جڏهن ته هن وڌيڪ چيو ته اهڙو ٽرينڊ فلسطين لاءِ هلي ته مسئلو ئي حل ٿي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.