ننڍي چونڊ: وفاقي حڪومت سول آرمڊ فورسز ۽ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سموري ملڪ ۾ ننڍي چونڊ دوران سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت ننڍي چونڊ ۾ سول آرمڊ فورسز ۽ پاڪ فوج جا دستا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
وفاقي حڪومت طرفان منظوري کانپوءِ گهرو وزارت سول آرمڊ فورسز ۽ پاڪ فوج جا دستا مقرر ڪرڻ جا آرڊرز جاري ڪري ڇڏيا.
پڌرائي موجب، سول آرمڊ فورسز ۽ فوج جي دستن کي ڪوئيڪ رسپانس فورس طور استعمال ڪيو ويندو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سول آرمڊ ۽ پاڪ فوج جا دستا اڄ کان 22 اپريل تائين 21 تڪن ۾ دستياب هوندا.
ياد رهي ته سموري ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسمبليءَ جي 21 تڪن ۾ ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، جنهن لاءِ اليڪشن ڪميشن وفاقي حڪومت کي ننڍي چونڊ ۾ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.