سنڌ ۾ ڌاڙيلن وٽ نيٽو هٿيار پهچڻ تي ادارن کان پڇاڻو ڪيو وڃي: آواز سنڌ ڪانفرنس

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر ) صحافي تنظيمن ،سول سوسائٽي ، سياسي جماعتن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن راڄ، پريا ڪماري جي بازيابي، سکر ۾ قتل ٿيل صحافي جان محمد مهر ، فاطمه فرڙو جي قاتلن جي گرفتاري ۾ لاپرواهي ڪرڻ، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ تيزي سان وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪامي تي سنڌ حڪومت کي پاڻمرادو پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي استيعفا ڏيڻ گهرجي ۽ آئين قانون موجب وفاقي حڪومت کي سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ سنڌ کي ڌاڙيلن ۽ قبائلي دهشتگردن وٽ يرغمال بنائڻ خلاف از خود نوٽيس وٺي سنڌ حڪومت ۽ سنڌ ۾ موجود رياستي ادارن کان افغانستان مان نيٽو جا هٿيار پهچڻ بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي سرپرستي ۾ ملوث رياستي ادارن، ايجنسين کي سردارن، ڀوتارن جي پٺڀرائي ختم ڪري سنڌ جي خلاف سازشون ختم ڪري، ڌاڙيلن وٽ نيٽوهٿيار پهچڻ جي تحقيقات ڪري ملوث ادارن ۽ ماڻهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ گورنر هائوس ۾ ڪراچي شهر ۾ بدامني لاءِ قائم سي پي ايل سي جو دائرو سموري سنڌ تائين وڌايو وڃي . اها ڳالهه ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم ۽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽس ( پي ايف يو جي ) طرفان سنڌ ۾ بدامني ڇو ۽ ڇا لاءِ جي عنوان سان ڪراچي پريس ڪلب ۾ منعقد ٿيل  ” آواز سنڌ ڪانفرنس “  ۾  ڳالهائيندي چئي وئي. ان موقعي تي پي ايف يو جي اڳواڻ خورشيد عباسي چيو ته اتر سنڌ جي اڪثر علائقن کي سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب عام ماڻهن لاءِ ممنوع بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ سردار، وڏيرا ملوث آهن، ڪراچي ۾ بدامني لاءِ گورنر هائوس ۾ موجود سي پي ايل سي جو دائرو سموري سنڌ تائين وڌايو وڃي. سنڌ رائيٽرس اينڊ ٿنڪرس فورم جي اڳواڻ مظفر چانڊيو چيو ته اسٽبلشمينٽ طرفان سنڌ کي وڌيڪ غلامي ۾ رکڻ ۽ سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ سازش تحت بدامني پيدا ڪري ڌاڙيلن ۽ سردارن جي سرپرستي ڪري قبيلائي جهيڙا ڪرايا پيا وڃن جنهن ۾ سنڌ ۾ مسلسل 15 سالن کان قائم پيپلزپارٽي جي حڪومت انهن لاءِ سهولت ڪاري جو ڪم سرانجام ڏئي رهي آهي ۽ سنڌ کي فلسطين بڻائي سنڌين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، حڪمران جماعت سنڌ ۾ پنهنجي تعريف لاءِ هڪ پوڊاهو ڪلاس پيدا ڪيو آهي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته اسان بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه کان پڇون ٿا ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن وٽ نيٽو جا هٿيار ڪيئن ۽ ڪنهن پهچايا آهن، سرحدن تي ڪير ويٺو آهي، جن جي هوندي افغانستان ۾ان نيٽو جا هٿيار سنڌ ۾ پهچايا ويا آهن، پريا ڪماري جي اغوا ۽ صحافي جان مهر جي قتل ۽ قاتل جي گرفتاري نه ٿيڻ بابت ڪابه پڇا ڳاڇا نه ٿي رهي آهي ، سنڌ ۾ بدامني جا پيرا کڻنداسين ته اهي پنڊي ۾ ظاهر ٿيندا، اسان خلاف سازشون ڪندڙن وٽ ايٽم بم ۽ عالمي واسطا آهن، پر مايوس ٿيڻ بدران سنڌ جو عوام منظم ٿي پرامن جمهوري آئيني جدوجهد جو رستو اختيار ڪندو ته ڪاميابي ملندي. صحافي ۽ ليکڪ دستگير ڀٽي چيوته ڪيٽي بندر کان پنڊي تائين پڪي جا ڌاڙيل ويٺا آهن، جيڪي پنهنجي مرضي سان حڪومتون ٺاهين ٿا، سنڌ ۾ اغوائن جون صنعتون قائم ڪيون ويون آهن، جيڪو ماڻهو ڪورٽ ۾ پوليس کان ڀڄي روئي رهيو هو ان کي سينئر وزير بڻايو ويو آهي، صحافي ۽ پي ايف يو جي اڳواڻ مظهر عباس چيو ته سنڌ شروع کان ئي مسئلن جو شڪار رهي آهي، پريا ڪماري جو مسئلو سنگين آهي، جنهن ڪري اسان کي به محسوس ٿي رهيو آهي ته اسان جا ٻار به هن صوبي جي جمهوري حڪومت ۾ محفوظ نه آهن، ضياءُ جي دور ۾ سهراب ڳوٺ هٿيارن جي وڪري جو مرڪز هو، اشرافيه، ڏوهاري ۽ ڳجها ادارا ۽ قانون نافد ڪندڙ سڀ بدامني ۾ ملوث آهن، جان محمد مهر جو قاتل ڪٿي آهي، سڀني کي خبر آهي پر سنڌ حڪومت ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ رينجرز، فوج مسئلي جو حل نه آهي، پر پوليس کي بااختيار ٻنائي پبلڪ سيفٽي ڪميشن تي عمل ڪيو وڃي، سنڌ ۾ جمهوريت ۾ جمهور غير محفوظ آهي سول سوسائٽي جي اڳواڻ مشتاق ميراڻي چيو ته سنڌ ۾ امن امان قائم قائم ڪرڻ، پريا ڪماري جي بازيابي سنڌ حڪومت جي ذميوراي آهي، جيڪڏهن اها پنهنجي ذميواري پوري نه ٿي ڪري سگهي ته استيعفا ڌئي گهر هلي وڃي ۽ آئين موجب اها وفاق جي ذميواري آهي ته سنڌ ۾ بدامني خلاف مداخلت ڪري سگهي ٿو، وفاقي ادارن وٽ ڏوهارين خلاف جديد اوزار به آهن، پرويز مشرف اڪبر بگٽي کي شهيد ڪرڻ لاءِ انهن اوزارن جي مدد حاصل ڪئي هئي، اسان وفاق کي چئون ٿا ته ملڪ اندر امن امان ۽ گڙٻڙ خلاف رکيل فوج ۽ جديد اوزارن جي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري ڪراچي کان ڪشمور تائين امن قائم ڪرائي، اڳوڻي سياسي ورڪر ڊاڪٽر آصف بالادي چيو ته سنڌ کان ايم آر ڊي تحريڪ هلائڻ جو قسطن ۾ بدلو ورتو پيو وڃي، سنڌ ۾ ڪنهن به جمهوري نظام جو وجود نه آهي، رياست عوامي مفادن واري پارٽي ٺاهڻ نه ٿي ڏئي، پيپلزپارٽي اسٽبلشمينٽ جي مفادن کي پورو ڪرڻ واري پارٽي آهي. اڳوڻي سياسي ڪارڪن الطاف ميمڻ چيو ته اتر سنڌ ۾ ڇانوڻي ٺهڻ بعد قبيلائي جهيڙا شروع ٿيا، جنرل ضياءِ جو هڪ جرنيل ساٿي قبيلائي ويڙهه ڪندڙ ۽ ڌاڙيلن کي هٿيار پهچائيندو هو ، ڌاڙيلن وٽ اها روائتي اخلاقيات نه رهي آهي،ان موقعي تي ڊاڪٽر بدر سومرو، ڊاڪٽر ياسمين قاضي، سريش ڪمار، رياض سهيل، سڪندر تنيو، مهيش ڪمار، نور احمد ميمڻ، عبدالله ٻپڙ، فهيم نوناري ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي وانگر اسٽبلشمينٽ به ملڪ خلاف سازشن ۾ ملوث آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪوڙو آپريشن ٿي رهيو آهي،سنڌ جا وڏيرا، اسيمبلي ميمبر ۽ وزير ڏوهن وسيلي ڪمايل پئسي مان عياشي ۽ سياست ڪري رهيا آهن، ميڊيا ۾ به سنڌ ۾ بدامني تي مڪمل تحقيقاتي ڪم نه ٿي رهيو آهي، پريا ڪماري جي مسئلي تي نقلي جي آئي ٽي ٺهي رهيون آهن،پريا ڪماري جي والد کي ڌمڪيون ڏئي چپ ڪرايو پيو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو وجود نه آهي، ڪن نام نهاد صحافين جي روپ ۾ پريا ڪماري جو ڪيس خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ تي قبضو ڪندڙ سنڌ جي زمينن تي قبضي کان سواءِ ڪراچي شهر ۾ به سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري واپار ڪري رهيا آهن ۽ انهن چونڊن ۾ ڪروڙين روپيا وٺي وڏيرن کي چونڊون کٽرايون ۽ سردارن، ڌاڙيلن کي بدامني لاءِ آزاد ڇڏيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.