ننڍي چونڊ: موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جي درخواست

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گهرو کاتي سڀاڻي رٿيل ننڍي چونڊ دوران موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.
پنجاب جي گهرو کاتي وفاقي گهرو وزارت کي خط لکيو جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي آهي ته 21 اپريل تي رٿيل ننڍي چونڊ دوران پنجاب جي تيرنهن ضلعن ۽ تعلقن ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وڃي.
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته امن امڪان لاءِ لاهور، شيخوپورا، قصور، تلا گنگ، ڪلر ڪهار، گجرات، صادق آباد، ڊي جي خان ۽ ٻين ضلعن ۾ موبائيل فون توڻي انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وڃي.
خط جي ڪاپي چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب، چيئرمين پي ٽي اي، سي سي پي او لاهور، لاڳاپيل ڪمشنرز ۽ ٻين آفيسرن ڏانهن موڪلي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.