آمريڪا پاران ميزائل پروگرام جي سپلائيرز ڪمپنين تي پابندي، پاڪستان جو موقف سامهون اچي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت الزامن جي بنياد تي واپاري ادارن مٿان آمريڪي پابندين واري فيصلي تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ بيان ۾ چيو آهي ته پهريان به پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت الزامن تي بنياد تي بنا ڪنهن ثبوت جي واپاري ادارن جون اهڙيون فهرستون سامهون آيون هيون.
هن چيو ته پاڪستان، تازن آمريڪي قدمن جي تفصيل کان آگاهه ناهي، پر ماضيءَ ۾ اسان ڪيئي اهڙا واقعا ڏٺا جتي رڳو شڪ جي بنياد تي فهرست ٺاهيون ويون، ان وقت به ملوث شيون ڪنهن ڪنٽرول لسٽ ۾ نه هيون پر اِهي حساس سمجهيون وينديون هيون.
ترجمان موجب، اسان ڪيئي ڀيرا نشاندگي ڪئي آهي ته اهڙين شين جو جائز ۽ سويلين استعمال ٿيندو آهي.
ترجمان چيو ته بامقصد مڪينزم سماجي اقتصادي ترقي جي حاصلات لاءِ هئڻ گهرجي، پاڪستان سدائين اينڊيوز ۽ اينڊيوزر جي تصديق جي طريقيڪار تي ڳالهائڻ تيار رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.